ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظھار الحسن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو تھ جيڪڏھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اسانجي درخواست رد ئي ڪرڻي ھئي تھ پوءِ چار سال ڇو ضايع ڪيا ويا؟  پھريان ئي درخواست رد ڪري ڇڏين ها، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته  اسانجو ڪيس 4 سال هليو، ٻه ڀيرا حتمي دليل مڪمل ڪيا ويا، عدالت سڄي صوبي مان ماڻهن کي گهرائي ٻڌو، عدالت ۾ اعتراف ڪيو ويو ته صوبي ۾ جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺاهي  نوڪريون ڏنيون ويون، انهي باوجود اسان جي درخواست رد ڪئي وئي آھي، عدالتي فيصلي مان مايوسي ٿي آھي، تفصيلي فيصلو اچڻ کانپوءِ اسين سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين.