ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جعلي ڊوميسائلن خلاف متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف متحده پاران داخل درخواست تي فيصلو جاري ڪندي متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران خواجه اظهار الحسن عدالت کي ٻڌايو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، شهري سان گڏ ٻهراڙي جي ڪوٽا سان به زيادتي ڪئي پئي وڃي، شهرن ۾ وڏي پيماني تي جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سيز ٺاهيون پيون وڃن، هن الزام ھنيو ته گذريل 10 سالن ۾ هزارين جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سيز ٺاهيون ويون آھن، جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ ۾ مضبوط مافيا ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته سکر ۾ 80 – 80 هزارن ۾ ڊوميسائل ٺاهيا پيا وڃن، انهي معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جعلي ڊوميسائلن بابت شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪمشنرن ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن، هن جعلي ڊوميسائلن جي  جاچ لاءِ الڳ  جوڊيشل ڪاميٽي جوڙڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ضلعي سطح تي ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته انهن ڪاميٽين سان رابطو ڪري، ٻڌڻي دوران بئريسٽر رفيق ڪلوڙ عدالت کي ٻڌايو ته سياسي پارٽين وچ ۾ٿيل معاهدي ۾ ڊومسائيلن وارو معاملو به شامل آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو جاري ڪندي متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي.