پرويز الاهي پاران ڏنل ٽن نالن تي ڪو خاص اختلاف نه آهي:ملڪ احمد خان

0
202
پرويز الاهي پاران ڏنل ٽن نالن

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل نالا اڄ آصف زرداري جي آڏو پيش ڪندو، پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي نمائندي ملڪ احمد خان چيو آهي ته پرويز الاهي پاران ڏنل ٽن نالن تي ڪو خاص اختلاف نه آهي

ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته منهنجي پرويز الاهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي آهي، پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ اسان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي

وزيراعظم شهباز شريف شارٽ لسٽ ڪيل نالا حتمي مشاورت لاءِ آصف علي زرداري آڏو پيش ڪندو، آصف زرداري سان مشاورت کانپوءِ اڄ رات 10 وڳي کان اڳ تائين 3 نالا فائينل ڪري گورنر پنجاب ڏانهن اماڻيا ويندا

هي به پڙهندا

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير اڄ ئي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو