اشو آف دي ڊي … مڪاني چونڊن ۾ ميهڙ وارن پ پ کي ٻوڙي ڇڏيو، ڪي اين شاهه وارا ٻيهر ٻڏڻ لاءِ تيار، جوهي واسي به ٻوڏ وساري ويٺا: تبصرا

0
334

 مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ آيل نتيجن تي سوشل ميڊيا تي تبصرا ٿيندا رهيا، جنهن ۾ خاص ڪري ميهڙ، جوهي، ڪي اين شاهه جي صورتحال تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، اهڙي ريت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اليڪشن جي حوالي سان به مواد شيئر ڪيو ويو. ان حوالي سان فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ ٻه هزار ارڙنهن جي عام چونڊن ۾ گڏ ڪيل ڪچرو شهرين مڪاني چونڊن ۾ کڻي ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو، جنهن تي درشن سچديو لکيو ته باقي شهرن ۾ به گهڻي وقت کان گڏ ٿيل ڪچرو ڪجهه صاف ٿيو آهي سواءِ جوهي جي، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته اهو ٿيڻ به گهرجي، شبير شر لکيو ته جماعت اسلامي کٽي وئي ڇا ؟ امين ڏيپلائي به ردعمل ڏنو، الاهي ايچ ايم لکيو ته اسان جو حال ساڳيو ئي رهندو، حيدر کوکر لکيو ته جيئن نواز ليگ جو سنڌ ۾ وجود نظر نه پيو اچي، علي ڪيريو لکيو ته ۽ ٻيو ڪچرو گڏ ٿيو آهي، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 15 سالن ۾ پيپلزپارٽي ممڪن آھي ته اسان جي خواھشن جي مطابق ڪجھه ڪونه ڪيو. پر ان ڏيڍ ڏھاڪو يڪي اقتدار کانپوءِ  جيڪڏھن ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جو سياسي ميئر اچي ٿو ته پوءِ کيس ضرور چئبو ته پاڪستان جي ٺھڻ جي 76سالن کان پوءِ پيپلزپارٽي ڪراچي ٻيھر سياسي طور تي سنڌ کي موٽائي ڏني، مشتاق چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪي اين شاھه کي ٽيون ڀيرو ايڊوانس ۾ ٻڏڻ جون مبارڪون. جنهن تي آصف جوکيو لکيو ته اسان کي ڪا پرواهه ناهي جيئي ڀٽو، عرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپورناٿن شاھه جي ماڻھن تي حيرت ۽ افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو، اڄ واقعي انھن ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان لاشعور آهيون. جنهن تي بختاور سنڌو لکيو ته اڄ يقين ٿي ويو ته برياني جي پليٽ ۽ 500 جي نوٽ ۾ وڏي طاقت آهي، اسماعيل بابو شيخ لکيو ته هر 5 سالن کانپوءِ ٻڏندڙ ڪي اين شاهه وارن وري به پ پ کي آزمايو لڳي ٿو ته ترڻ سکي ويا آهن، حيدر بلوچ لکيو ته اسان جا ماڻهو چانهه جي هڪ ڪوپ تي ضمير وڪرو ڪن ٿا، قاري حافظ سيد رحمت الله لکيو ته ڪي اين شاهه وارن جي سوچ تي افسوس ٿيو، عبدالسلام ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جماعت اسلامي ڪراچي ۾ ھڪ سئو کان مٿي سيٽيون کٽي صف اول تي پھچي ويئي آهي. ڪراچي جي غيور عوام گار ۽ گولي جي سياست کي رد ڪندي ترازو تي ٺپو ھڻي جماعت اسلامي تي اعتماد ڪيو آهي جنھن تي ان شاءَ الله ڪراچي واسين کي مايوسي نه ٿيندي. وڏا وڏا بت ڪري پيا، ناجائز طريقن سان اقتدار تي پھچندڙ پنھنجا پنھنجا حلقا ھارائي ويا. يقيننا” ان ڪاميابي پويان ھڪ ڊگھي جدوجھد,  سخت محنت ۽ الخدمت فائونڊيشن ذريعي ٿيندڙ بلاتفرق خدمت سان گڏوگڏ ڪارڪنن جي جاني ۽ مالي قرباني به شامل آهي، انشاءَ الله انجنيئر حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ ڪراچي ھڪ دفعو وري عروس البلاد بڻبو جنھن کي اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار ايم ڪيو ايم، پ پ ۽ پي ٽي آءِ دنيا جو بدترين شھر بڻائي ڇڏيو ھيو. جنهن تي زبير احمد ميمڻ لکيو ته ڏاڍي خوشي ٿي، فرحان علي قاسماڻي، عمران ڇڄڻ، عبدالله ٻرڙو، محمد عزير گل، مشتاق علي ۽ ٻين پڻ ردعمل ڏنو، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مھاجرن پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ جي ڪاوڙ ۾ پ پ کي عارضي ووٽ ڏنا ، ڇو ته ڪراچيء جي سياست ۾ ايم ڪيو ايم کي پ پ کان وڌيڪ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ کان خطرو آھي جيڪو مستقل آهي، جنهن تي عبدالوهاب لکيو ته ٿورو اھو سوچجي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ٻوري بند لاش ڏنا ۽ پي ٽي آءِ افغاني پٺاڻ کي ڪراچي ۾سٿيو، مطيع الله دل لکيو ته مطلب ته ايم ڪيو ايم ڦاٿي آهي، ساجد خادم شر لکيو ته جيڪو به مھاجرن پوءِ ته سنڌين کان بھتر فيصلو ڪيو آهي.ماجد خواجه لکيو ته اها سڀ مهاجر پوليس وارا ۽ اليڪشن ڪميشن وارا هئا، منظور سولنگي لکيو ته پلانٽنڊ هوندو، وقار حسين لکيو ته ووٽ مليا اٿن پ پ کي تڏهن 2 ڏينهن ٿي ويا آهن رزلٽ نه ٿي اچي، فضل الرحمان انقلابي لکيو ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي مستقل واري ڳالھه مون کي سمجھه ۾ نه آئي ٿوري وضاحت ڪريو! جاويد سنڌي لکيو ته پ پ ڪراچي ۾ بري طرح هارائي چڪي آهي، آفتاب احمد لکيو ته ايئن ڪونهي. مبين اختر لکيو ته پ پ کي انتظاميا ووٽ ڏياريا آهن. علي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ پ پ جتان به کٽيو آهي اتان جي عوام ۾ مايوسي ۽ بيچيني پئي نظر اچي جن علائقن مان پ پ ھارايو آهي اتان جي ماڻهن ۾ ڄڻ ته نئي اميد جنم ورتو آهي. ساگر عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن ڀيري عوام ڪوٽ ڪنگرن کي لوڏي ڇڏيو آھي ٻئي ڀيري ڌڙام ڪري ڪرندا. آفتاب سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي نادان چوندا ھئا ته قومپرست ھڪ سيٽ به نه ٿا کٽي سگھن اڄ پوري سنڌ ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن پيپلز پارٽي کي وڏي شڪست ڏئي ڇڏي آھي. شهزادي راءِ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو، برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻه ڀيرا ٻڏڻ کان پوءِ به ڪي اين شاھ پ پ کي ووٽ ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان ٽيون ڀيرو به ٻڏڻ لاءِ تيار آهيون،  جنهن تي عجيب پيرزادا لکيو ته وري امداد به پ پ ڏني آهي رهي ڳالهه ٻڏڻ جي ته اها قدرتي آفت هئي جنهن ۾ سڄي سنڌ ٻڏي هئي، منصور عباسي لکيو ته اسان حيدرآباد ۾ ويهي ڪي اين شاهه وارن لاءِ دعائون گهريون پر مالڪ پاڻ ٻڏڻ ٿا گهرن، عشر خان لکيو ته ميهڙ جي باشعور عوام پ پ سان جٺ ڪئي، فيضان ڪنڀر لکيو ته باقي ميهڙ وارا بچي ويا، جاويد احمد ناٿن شاهي لکيو ته ڪي اين شاهه وارا ترڻ سکي ويا آهن، نور جلباڻي لکيو ته هاڻ سمجهه ۾ آيو ته ڪي اين شاهه ڇو ٻڏو، نظير جتوئي لکيو ته ڪي اين شاهه وارن ان ڪري ووٽ ڏنو ته هن ڀيري ميهڙ کي ناهي ڇڏڻو، بابر علي لکيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، محمد علي مارفاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفا ناٿن شاهي جو شھر خيرپور ناٿن شاه شعور جي کوٽ سبب ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻڏي ويو، پ پ ڪامياب، افسوس خيرپور ناٿن شاهه جي عوام تي. محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ جي ننڍي مقابلي جي ننڍي فتح سڀاڻي جي وڏي مقابلي جي وڏي فتح ثابت ٿيندي، نديم علي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪي اين شاهه وارا ڀٽي جو قرض نه لاھي سگھيا باقي ميـھڙ ۾ لھي ويو قرض ھاڻي اسان پنهنجي لاءِ ڪمائينداسون …!جنهن تي صفدر تنيو لکيو ته ڪي اين شاهه وارن کي ٻوڏ ياد نه هئي، علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اصل اليڪشن ته ميهڙ ۾ آھي..! “نه ٻوڙيو آ، نه هارايو آ” ٻوڏ متاثر علائقي ۾ پ پ اميدوارن کي بدترين شڪست…! ميهڙ وارن پ پ کي ٻوڏ جي پاڻي ۾ “ٻوڙي” ڇڏيو، غلام مصطفيٰ ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جوهي جي شعور کي جوهي جي اهڙي حالت ڪرڻ وارن کي چونڊيو کين ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪريان ٿو، امام سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جوهي ۽ ڀان مان پ پ وارا کٽي ويا،الهورايو سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته جوهي ۾ پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن ناهي کٽي پر اڪثر ماڻهن ووٽ ئي نه ڏنو جنهن ڪري ڪاميابي ماڻي آهي، دلشاد جمن لغاري پوسٽ شيئر ڪئي ته او جوهي وارئو اوهان جي ٻڏڻ کي اڃا چاليهو به نه گذريو هو، آفتاب جمالي لکيو ته جوهي شهر پئرس بڻيل آهي شهرين جي دانهن ڪوڪ جي خبر نه هلائيندا.