خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير اڄ ئي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
254
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان اڄ ئي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي محمود خان چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري اڄ ئي گورنر ڏانهن اماڻي ڇڏيندس

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي مفاد ۾ اڄ ئي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين، گذريل 4 سال انتهائي سٺي نموني گذريا

هن چيو ته سهڪار ڪرڻ تي حڪومتي توڙي اپوزيشن ميمبرز ۽ بيوروڪريسي جو ٿورائتو آهيان، عام چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان کٽي ٻيهر واپس اينداسين

هي به پڙهندا

ميئر جي مقرري جماعت اسلامي ۽ ٻين جي مشاورت سان ڪنداسين: وڏو وزير