پشاور(م ڊ) مشهور وڪيل لطيف آفريدي بار اندر ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. وڪيل برادري واقعي جي سخت مذمت ڪندي اڄ سڄي ملڪ ۾ عدالتن اندر بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي احاطي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيئر وڪيل لطيف آفريدي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويوجتي هن دم ڏئي ڇڏيو . ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا 69 ورهين جي لطيف آفريدي جي  موت جي تصديق ڪئي. پوليس موجب 69 عبداللطيف آفريدي کي 6 گوليون لڳيون، فائرنگ ڪندڙ شخص کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ عدنان سميع آفريدي جي نالي سان ٿي، جڏهن ته جوابدار سائل جي طور تي آيو هو. پشاور هاءِ ڪورٽ بار احاطي ۾ فائرنگ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو پر معاملي جي انڪوائري ڪري رهيا آهيون. اهو به پتو لڳايو پيو وڃي ته جوابدار پستول اندر ڪيئن کڻي ويو يا هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن سندس مدد ڪئي. مشهور قانوندان لطيف آفريدي سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر پڻ رهيو، هو قومي جمهوري تحريڪ جو سينيئر اڳواڻ هو جڏهن ته هو قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو. پوليس موجب جوابدار قتل جو اعتراف ڪيو آهي.  ٻئي طرف لطيف آفريدي جي قتل خلاف پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي حڪومت جي عدالتن ۽ وڪيلن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي ڳڻتي جوڳي آهي، عدالتن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. پاڪستان بار ڪائونسل ملڪ ۾ عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته وڪيل اڱاري تي عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا. هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن به لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي عدالتن جي بائيڪاٽ جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته واقعي تي مذمتي بيانن بدران اثرائتا قدم کنيا وڃن. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته پارليامينٽ وڪيلن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪري، وڪيلن جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومتن سان به رابطو ڪنداسين.