پرويز الاهي وٽ نمبر پورا آهن ته اعتماد جو ووٽ وٺي:وڏو وزير

0
324

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه چيو آهي ته پرويز الاهي ووٽ نمبر پورا آهن ته اعتماد جو ووٽ وٺي، گورنر کي اختيار آهي ته هو ڪنهن به وقت وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي سگهي ٿو

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاه چيو ته حيرت آهي ته معاملوعدالت هليو ويو آهي، ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها، وڏي وزير مراد علي شاه چيو ته صوبي جي بهتري لاءِ اتحادين سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، پ پ ورڪر عوامي خدمت لاءِ پرعزم آهن

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي ويو، شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، وڏي وزير شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد  محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽  ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير امتياز شيخ، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا به وڏي وزير سان گڏ آهن

وڏو وزير شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي  15 هين ورسي جي انتظامن جو جائزو  وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندو

اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدار  وڏي وزير کي جلسي جي تيارين ۽  سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏيندا، اجلاس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي  15هين ورسي جي موقعي تي جلسي  جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني ويندي

هي به پڙهندا

پرويز الاهي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج