ريحام خان ٽئين شادي ڪري ڇڏي

0
697

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال ۽ صحافڻ ريحام خان ٽئين شادي ڪري ڇڏي آهي

سوشل ميڊيا تي ريحام خان جي طرفان هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي آهي، مداحن کي ٽئين شادي جو اطلاع ڏنو ويو

 

جڏهن ته ريحام خان جي ٽوئٽ ۾ واضح ناهي ته هُن ڪنهن سان شادي ڪئي آهي

واضح رهي ته ريحام 1990 ۾ پهرين شادي ڪئي هئي ۽ ان جي طلاق 2005 ۾ ٿي، ان شادي مان ان جا ٽي ٻار به آهن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ آهن

 

ان کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ريحام خان جي شادي جي تصديق جنوري 2015 ۾ ٿي، پر ٻنهي جي شادي متعلق خبرون آڪٽوبر 2014 کان سامهون اچي رهيون

جڏهن ته ريحام خان ۽ عمران خان جي شادي ڪجه مهينا ئي رهي ۽ پوءِ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي

 

ٻئي پاسي ٽوئٽر تي ريحام خان کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن، پوسٽون شيئر ڪيون ويون آهن، جن ۾ ٻڌايوويو آهي ته ريحام خان جي شادي مرزا بلال بيگ سان ٿي آهي

 

جڏهن ته شادي جي حوالي سان ريحام خان پاران به تصويرون ۽ ٽوئٽ رکڻ جو سلسلو جاري آهي، ٽوئٽر تي ريحام خان ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو