پرويز الاهي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

0
235
لاهور: عدالت پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي
لاهور: عدالت پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي، گورنر بليغ الرحمان  ڊي نوٽيفاءِ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير ايڊوائيس باوجود اعتماد جو ووٽ نه ورتو

نوٽيفڪيشن موجب پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي مان اڪثريت وڃائي چڪو آهي ، هاڻ پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير ناهي رهيو

پنجاب جي گورنر پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ڪابينا ختم ڪئي وڃي ٿي، پرويز الاهي نئين وڏي وزير جي اچڻ تائين وقتي وڏو وزير رهندو

ٻئي پاسي گورنر پنجاب جي نوٽيفڪيشن خلاف پرويز الاهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسپيڪر کي وزيراعليٰ جي اعتماد جي ووٽ لاءِ اجلاس گهرائڻ جو چيو هو

درخواست ۾ چيو ويو ته اسيمبلي جو اجلاس پهرين کان هلي رهيو هو، اُن ڪري اسپيڪر نئون اجلاس نه سڏايو، اجلاس نه گهرائڻ تي وڏي وزير ۽ ڪابينا کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ غير آئيني آهي

پرويز الاهي پاران درخواست ۾ گورنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

تختِ پنجاب جو فيصلو نه ٿي سگهيو، ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو جنوري تائين ملتوي