تختِ پنجاب جو فيصلو نه ٿي سگهيو، ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو جنوري تائين ملتوي

0
254

پنجاب جو گورنر وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ نه ڪري سگهيو، اسيمبليون ٽوڙڻ جو عمل به جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو

<p>وزیراعلیٰ خیبرپختونخوا نے کہا کہ عمران خان کی ہدایت پر عمل کیا جائے گا — فوٹو: ڈان نیوز</p>

اُن کان اڳ خيبرپختونخواهه جَي وڏي وزير صوبائي اسيمبلي کي ٽوڙڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪَي پِي جَي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال واضح ٿيڻ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو، عمران خان پهرين پنجاب اسيمبلي جي مستقبل بابت فيصلو ڪندو

هن چيو ته پارٽي قيادت سان رابطي ۾ آهيان، اڃا تائين مون کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي هدايت ناهي ملي

تختِ پنجاب جو فيصلو نه ٿي سگهيو،نون ليگ ۽ سندس اتحادين طرفان قانوني مشاورت باوجود وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو حتمي فيصلو نه ٿيو

 پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان به چيو آهي ته  بي اعتمادي رٿ اچي چڪي آهي، سڀاڻي اسيمبلي نه ٿي ٽٽي سگهي، ڪير به پنجاب اسيمبلي کي سِيل نه ٿو ڪري سگهي

اسپيڪر سبطين موجب پنجاب اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس دوران گورنر جي چوڻ تي نئون اجلاس نه ٿو سڏائي سگهان، گورنر غير آئيني ۽ غير قانوني هدايتون جاري ڪرڻ کان پاسو ڪري

هن چيو ته وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جهڙيون ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، گورنر  وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪندو ته سڀاڻي صدر به گورنر کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيندو