جلد چونڊون نه ٿيون ته ملڪ هٿن مان نڪري ويندو: عمران خان

0
239

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف گورنر هائوس پنجاب آڏو احتجاج ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مظاهرين کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته مون 70 سالن ۾ قوم کي اونداهين ۾ ويندي نه ڏٺو، اسان جو ملڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي، اسان جي ٻن صوبن ۾ حڪومت آهي، ان باوجود اسان اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون

عمران خان چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي، ٿڏهن ترقي جي شرح سڀ کان وڌيڪ هئي، پي ٽي آءِ حڪومت کي هڪ شخص ڪيرايو، مان سڀني ادارن، اسٽيبلشمينٽ، عدليه سان مخاطب آهيان، هي اسان سڀني جي گڏيل جنگ آهي، ها هِن جنگ ۾ اُهي ماڻهو شريڪ ناهن، جن جو پئسو پرڏيهه ۾ پيل آهي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هڪ ماڻهو دشمني ڪئي، 70 سيڪڙو پاڪستاني چون ٿا ته مسئلن جو حل شفاف چونڊون آهن، پر هڪ شخص پاڪستان تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پهريان ڪيسز ذريعي مونکي آئوٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ناڪام ويو ته مونکي قتل ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ حملو ڪرايو

عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ جي عوامي حڪومت کي ڪيرائي چورن کي تخت تي ويهاريو ويو آهي، اسان اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو ته ڄڻ اسان ڪي غدار آهيون

تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس وصولي گهٽ ٿي رهي آهي، اسان جي حڪومت ۾ ڪورونا باوجود صنعت ترقي ڪري رهي هئي، ايڪسپورٽ وڌي رهي هئي، پر اڄ انڊسٽريز بند ٿي رهي آهي، مزدور بيروزگار ٿي رهيا آهن، ڊالر گهٽجي رهيا آهن، قرض وڌي رهيا آهن، قرضن جون قسطون ادا ڪرڻ لاءِ ڊالر به ناهن، اميدون ختم ٿي رهيون آهن، اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ساڍا 7 لک پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا