پروميٿيئس جهڙو هڪ شخص!

0
299
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

اڄ اپريل جي چوٿين تاريخ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي جمهوريت جي ان شهيد کي محبتن جا گل ۽ لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جنهن جو 1979ع م عدالتي قتل ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ کي متفقه آئين ڏنو، جنهن سياست کي محلن مان ڪڍي جهوپڙين ۾ آندو، جنهن هن ملڪ جي غريبن کي زبان ڏني، شعور ڏنو، هنٿ ڏني، جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ان جي پارٽيءَ جي ڏڍ تي ڏاڍن سان اٽڪي پوندا هئا. جنهن ٽٽل ملڪ جي باقي بچيل حصي کي دنيا ۾ عزت ڏياري، وقار ڏياريو، مسلم دنيا ۾ اڳواڻيءَ وارو باعزت ڪردار ڏياريو. اسلامي ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس جو پاڪستان ۾ انعقاد ممڪن بڻايو. جمهوريت جون بدخواهه قوتون، جيڪي رعيتي راڄ جو سلو سرجڻ ئي نه ڏينديون آهن، انهن ئي راتاهو هنيو ۽ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ان کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي.

هن ملڪ جي قائم ٿيڻ کان وٺي رعيتي راڄ ۽ عوام جي سگهه کان خائف ۽ خوفزده قوتن جي اها ڪوشش رهندي آئي آهي ته عوامي قوتن جي رستي روڪ ڪجي، ان ڪري ئي انهن هن رياست جا بنياد فلاڃي رياست بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ طور رکيا ۽ اها جبر جي پاليسي ئي هئي، جنهن ڪري ملڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ 24 سال مس جٽاءُ ڪري سگهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي باقي بچيل ملڪ کي عزت ۽ توقير ڏياري پر هن ملڪ جي محسن ڪش اسٽيبلشمينٽ کيس برداشت نه ڪيو. جنرل ضياءَ 5 جولاءِ 1977ع تي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ لڳ ڀڳ ٻن سالن تائين هن قوم جي اعصابن جو امتحان وٺڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاسي ڏياري. جنرل ضياءُ 11 سالن تائين هن ملڪ تي ڪاري رات وانگر ڇانيل رهيو. هن هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي متعارف ڪرايو. دهشتگرديءَ کي راهداري ڏني. ضياءَ اڄ به هن ملڪ جي جمهوري قوتن لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻيل آهي. هن جي ڪڌي عمل جا اثر هي ملڪ اڌ صدي گذرڻ باوجود اڃان تائين پيو ڀوڳي ۽ خبر ناهي ته ڪيترو عرصو ڀوڳيندو رهندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ها سرچاءِ جون هزار صورتون نڪري پئي سگهيون، پر پروميٿيئس جهڙي انا واري ان عظيم شخص ڪنهن به زيوس جي آڻ نه مڃي. هن وقت  جي ڪٻاڙخاني ۾ پنهنجي جاءِ جوڙڻ بدران تاريخ جي صفحن ۾ زنده رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ سرخرو ٿيو.

ان حقيقت کان انڪار ڪري نه سگهبو ته اسان جنهن ورلڊ آرڊر ۾ رهون ٿا، ان ۾ اهم فيصلا عالمي اسٽيبلشمينٽ ڪندي آهي ۽ مقامي اسٽيبلشمينٽ ۽ ملڪي ادارا گماشتا بڻجي انهن فيصلن جي تڪميل ۽ تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو عالمي اسٽيبلشمينٽ لاءِ هميشه چئلينج رهيو. ايورسٽ کي ته ڪو سر ڪري سگهي ٿو پر ان شخص جي انا کي فتح ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هو. ان تي ڪسينجر جي انهن لفظن به ڪو اثر نه ڇڏيو ته، “US will make the “horrible example” of you!”

هو سر ڏئي سرخرو ٿيو. کيس “عبرتناڪ مثال” بنائڻ جا دڙڪا ڏيندڙ پاڻ “عبرتناڪ مثال” بڻيل آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي قرباني هن ملڪ جي جمهوريت پسند قوتن لاءِ واٽ جي لاٽ بڻيل آهي. هن ملڪ ۾ جمهوريت تي سڀ کان گهڻو “خرچ” شهيد ڀُٽي جي خاندان ۽ ان جي پارٽيءَ جو ٿيو. “ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان” واري جذبي سان سندس نياڻيءَ ۽ پُٽن سندس مشن کي اڳتي وڌايو ۽ جمهوريت خاطر پنهنجا سر قربان ڪيا.

اڄ ڀُٽي صاحب جي شهادت جو ڏينهن آهي، جنهن سر لاءِ سوديبازي نه ڪئي، جنهن جلسن ۾ سائفر ڏيکاري پوءِ آمريڪا جي اڳيان آزيون نه ڪيون. سر جي خيرات نه گهري. هو پنهنجن ۽ پراون جي سازش جو شڪار ٿيو. اڄوڪي ڏينهن تي اسان انتهائي عقيدت ۽ ڀِنل نيڻن سان جمهوريت جي ان شهيد کي سلام پيش ڪريون ٿا.