اهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي: وفاقي وزير

0
293

وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حالتون پيدا ٿيون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي، آئين ۾ ايمرجنسي جو آپشن ڪاڏي نه ويو آهي

 وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تار اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 3 رُڪني بئنچ بابت حڪومت جو واضح موقف اچي چڪو آهي، اڄ به مطالبو آهي ته چونڊن جي ڪيس تي فُل ڪورٽ جوڙي وڃي، نگران سيٽ اپ ۾ هڪ ئي وقت شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن

 سُپريم ڪورٽ مان به ججز آواز اٿاريو آهي، 4 ججز سوموٽو نوٽيس کي خارج ڪري ڇڏيو هو، اُميد آهي ته چيف جسٽس قوم جي آواز ۽ آئين تحت معاملن کي اڳتي وڌائيندو، پهرين به آئين کي ري رائيٽ ڪرڻ سان پنجاب جون حالتون خراب ٿيون هيون،

هنن جو چوڻ هو ته ٻيهر ڪو اهڙو فيصلو نه اچڻ گهرجي جو بحران ۽ ڏڦيڙ وڌي، ملڪ کي جمهوريت ئي متحد رکي سگهي ٿي، سمورن ادارن تي فرض آهي ته آئيني حدن ۾ رهي پنهنجي ڊيوٽي ڪن، ادارا هڪ شخص جي حڪم جي تابع ناهن آهن، ادارا اجتماعي سوچ سان هلندا آهن

هي به پڙهندا

لاهور: دهشتگردي توڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي