پروفيسر جون آليون ٿيل اکيون ۽ فرعون بڻيل ڊي سي

0
719
وڻجارو ويو هليو

 ان ڏينهن هڪ ريٽائرڊ پروفيسر سان ملاقات ڪري مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو.افسوس سندس ڳالهين تي نه پر انهن اميدن تي ٿيو جن اميدن سان هو ڊي سي آفيس ويو هو. کيس ريٽائرڊ ٿئي اڃان ڪي ڏهاڪا به نه گذريا آهن تنهنڪري منجهس پنهنجي ڪاليجي شاگردن سان پيار واري عادت اڃان به جيئن جو تيئن برقرار آهي..ڪاليج ۾ ته هو مڙني شاگردن کي اتساهيندو رهندو هو پر انهن شاگردن مٿان وڌيڪ ڌيان ڏيندو هو جيڪي کيس اهو ٻڌائيندا هئا ته هو مقابلي وارن امتحانن يعني سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري پيا ڪن. هو انهن مٿان پنهنجي سموري توجهه ڏيندو هو ۽ کين اتساهيندو هو ته اڳتي وڌو دنيا ۾ نالو روشن پيدا ڪريو ۽ اهو صرف ۽ صرف پڙهائي ذريعي ٿي سگهي ٿو. اهو پروفيسر  ڪاليج جي هر بئچ ۾ انهن شاگردن مٿان ٻين عام شاگردن کان وڌيڪ توجهه ڏيندو هو ، جن ۾ کيس ڪجهه اڀري اچڻ جا امڪان نظر ايندا هئا.

اهو پروفيسر تڏهن به ڏاڍو خوش ٿيندو هو جڏهن کيس ڪاليج ۾ يا رستي ويندي ڪو اڳوڻو شاگرد ملي ڪري ٻڌائيندو هو ته سائين مان هاڻي فلاڻي کاتي ۾ آفيسر آهيان توهان جو شاگرد رهيو آهيان.کيس اهڙا رستي ملندڙ شاگرد انهن شاگردن کان وڌيڪ پيارا لڳندا هئا جيڪي صرف بورڊ امتحانن ۾ پاس ٿيڻ تي کيس ڪيڪ يا گلن جا دستا ڏئي ويندا هئا. هو هميشه پنهنجي ڪاليجي ساٿين کي فخر سان ٻڌائيندو هو ته ڪنهن استاد لاءِ انکان وڌيڪ ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو ته هو رستي ويندو هجي يا گهر جي سبزي وٺندو هجي ۽ ڪنهن بالا سرڪاري عملدار جي گاڏي رڪجي وڃي. ان گاڏيءَ مان ڪو سوٽيڊ بوٽيڊ نوجوان آفيسر لهي ۽ سمورا پروٽوڪول پاسي تي رکي اچي توهان سان نوڙي ملي ته سر هي جيڪو ڪجهه مان اڄ آهيان سو توهان جي ڏنل تعليم جي ڪري آهيان. اوڙي پاڙي جا ماڻهو جيڪي توهان کي سڄي عمر ماستر ماستر سمجهي يا چئي پاڻ کان گهٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا انهن سڀني مٿان توهان جي عزت توهان جو وقار ڪيڏو نه ڀاري ٿي پوندو ۽ توهان جي علم جي سفر جا ڪيل سمورا ٿڪ لهي پوندا.

ڪاليجي استادن جي ڪامن روم ۾ ڪيل سندس اهڙيون ڳالهيون ٻڌي هڪ شرارتي استاد کيس چيڙائيندو هو ته اهي ڇورا ڪاليج ۾ ميسڻا ٿئي پروفيسر جڏهن ڪرسي تي اچي ويهن ٿا ته پنهنجي پيءُ کي به نٿا سڃاڻين. ايئن چئي هو کيس ٽنڊو الهيار جي ان اڳوڻي ڊي سي جا قصا ٻڌائيندو هو ته هو ته  ڪيترو نه……… هو جو پنهنجي اڳوڻي پروفيسر خاتون استاد کي انڊس هوٽل ۾ ڊنر ڪرائڻ بهاني ساڻس ريپ ڪري ويو هو.پر هو هميشه سندس ڳالهين کي ٻاراڻيون ڳالهيون چئي رد ڪندو هو. پر گذريل ڏينهن جڏهن اهو ريٽائرڊ پروفيسر مونسان مليو ته تمام گهڻو پريشان هو ۽ سندس پريشاني واريون ڳالهيون ٻڌي مونکي ته ڏاڍو افسوس ٿيو.توهان سندس ڳالهيون ٻڌو ۽ ٿي سگهي ته توهان کي به افسوس ٿئي . ان پروفيسر صاحب ٻڌايو ته کيس جڏهن اها خبر پئي ته سندس اڳوڻو شاگرد سندس شهر ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي لڳو آهي ته هن پهريان انتظار ڪيو ته هو جيئن ته سندس شاگرد آهي تنهنڪري پاڻهي اچي ساڻس ملندو.پر جڏهن سندس انتظار ڪجهه هفتن تائين ڊگهو ٿي ويو ته هن وڏ ماڻهائپ جو مظاهرو ڪندي اهو سوچيو ته ڊپٽي ڪمشنر تمام گهڻو مصروف رهندا آهن تنهنڪري ٿي سگهي ٿو کيس وقت نه ملندو هجي.پوءِ وري هن اهو فيصلو ڪيو ته ڀلا هڪ استاد ۽ شاگرد وچ ۾ ڪهڙا ليکا جيڪڏهن هو وٽس نٿو اچي ته ڇو نه هو پاڻ وٽس هليو وڃي.

تنهنڪري هڪ ڏينهن پاڻ تيار ٿي ان ڊي سي آفيس هليو ويو جتي هاڻي سندس اڳوڻو شاگرد اچي ڪرسي تي ويٺو آهي پر اها کيس خبر نه هئي ته ان ڊي سي جي اچڻ سان ضلعي جا سمورا ماڻهو تاراج ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن ۾ دانهن وڌي وئي آهي ته ڪهڙو ظالم اچي ڪرسي تي ويٺو آهي. جيئن ته ان عوامي دانهن جي کيس خبر نه هئي ۽ هو صرف پنهنجي شاگرد جي حب ۾ سرشار هو تنهنڪري هو وڃي ڊي سي آفيس ۾ پهتو جتي جيڪي  ٻاهران ڪلارڪ يا پٽيوالا کيس سڃاڻيندا هئا انهن وڃي کيس ڊي سي آفيس ۾ ويهاريو.هن جي نظر جيئن ئي نوجوان ڊي سي مٿان پئي ته هڪ استاد جي شفقت واري نظر سان هن کيس ڏٺو ۽ دلي طور ڏاڍو مطمئن هو ته سندس تعليم نيٺ رنگ لاتو ۽ هڪ لائق نوجوان انتظامي عهدي تي اچي ويٺو.ڊي سي پنهنجي آفيس جا ڪم ڪار اڪلائڻ بعد هن ڏانهن ايئن نهاريو ڄڻ کيس سڃاڻيندو ئي نه هجي.اهڙي اوپري نهار جي کيس توقع نه هئي پر تنهن جي باوجود هو اطمينان سان ويٺو رهيو.پر سندس اهو اطمينان ۽ اعتماد تڏهن ٽٽو جڏهن سندس اڳوڻي شاگرد ڊي سي کيس بلڪل به نه سڃاڻيندي اوپري ۽ سخت لهجي ۾ چيو توکي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ ڪنهن چيو. هي ڊي سي آفيس آهي ڪا وڏيري جي اوطاق ناهي جو جيڪو اچي ويهي رهي.

اٿي بيهي پنهنجو مسئلو ٻڌاءِ يا منهنجي پي اي کان درخواست لکرائي اچ. جنهن نوجوان آفيسر مان کيس ڪيئي اميدون هيون ان جا اهڙا تلخ ۽ بداخلاقي وارا جملا ٻڌي پروفيسر جو ته ڪنڌ ئي شرم وچان جهڪي ويو ۽ هن پنهنجي ڏڪندڙ وجود کي ڊي سي آفيس جي ڪرسي تان اٿاريندي کيس صرف ايترو چيو ته تنهنجي تعليم تي ته ڏاڍي محنت ڪئي پر تنهنجي تربيت ٻڌائي ٿي ته تون ان ڪرسي جي اهل ناهين يا اها ڪرسي تو جهڙن جي لائق ناهي.ڇو ته اهي جملا ان ڪرسي تي ويٺل ڪو فرعوني فرنگي به پنهنجي بزرگن لاءِ  نٿو ڳالهائي سگهي. تنهن بعد ان ڊي سي آفيس ۾ ڇا ٿيو ۽ ڪيئن فرعون بڻيل ڊي سي کي اوچتو استاد جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو ۽ هن معافين تلافين جا حربا هلايا پر جيڪا بداخلاقي کيس ڏيکارڻي هئي سا ڏسجي چڪي.

منهنجي ساڻس ملاقات ان واقعي کانپوءِ ٿي ۽ مونکي سندس ڳالهيون ٻڌي افسوس ٿيو. مون کيس اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جنهن بدبودار جاگيرداري سماج ۾ رهون ٿا ان جو وڏي ۾ وڏو الميو به اهو ئي آهي ته اسان جي نوجوانن جي اڪثريت جو رول ماڊل اهو ساڳيو وڏيرو ڀوتار ئي آهي جنهن کي اسان وسيلن جي ڦرلٽ جو ذميوار سمجهندا آهيون پر وقت ۽ موقعو اچڻ تي اسان جا نوجوان پاڻ انهن ڀوتارن وڏيرن کان وڌيڪ بدبودار ڪردار ٿي پوندا آهن.هڪ ريٽائرڊ پروفيسر اڳيان منهنجي ڪهڙي مجال جو وڌيڪ فلسفو جهاڙيان ها تنهنڪري خاموش ٿي ويهي رهيس ته هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو اها غلطي سماج جي ته آهي پر اسان جهڙن استادن جي به آهي جيڪي ٻارن کي اهو نه ٻڌائي سگهندا آهيون ته انهن جا رول ماڊل ڪهڙا هجڻ گهرجن. اهڙي تعليم ڪهڙي ڪم جي جيڪا سماج لاءِ وڌيڪ ناسور بڻيل ڪنا ڪامورا پيدا ڪندي رهي جيڪي آفيس ۾ ڪرسي تي ويهڻ شرط فرعون بڻجي وڃن ۽ پنهنجي سماج جي بهتر جوڙجڪ واري راهه تي هلڻ بدران  ڀوتارن کان به وڌيڪ ايترا بداخلاق بڻجي وڃن جو پنهنجي استادن کي به سڃاڻڻ کان  اکيون پوري ويهن.اهڙي تعليم جون ترجيحات تبديل ٿيڻ گهرجن.ايئن چئي ريٽائرڊ پروفيسر منهنجي سامهون پيل ٽشو پيپر جي دٻي مان ٻه ٽشو ڪڍيا ۽ پنهنجون آليون ٿيل اکيون اگهي چيو ڀلا تون ته اڃان ڊي سي ناهين ٿيو ني…چانهن آرڊر ڪر ته ڪجهه اندر ساڙيون.