حڪومت جي سوڙهيءَ ٿيندڙ سگهه ۽ سوليءَ چڙهيل ساک !

0
235
افغانستان جي ازلي عداوت، دهشتگردي ۽ پاڪستان جي خوش فهمي

ملڪي سياست ۾ اوچتو گهڻي تيزي اچي ويئي آھي، حڪومت ۽ مخالف ڌر ، خاص ڪري ن ليگ ۽ حڪومتي وزير، ھڪ ٻئي تي الزم لڳائيندي ايترو اڳتي نڪري ويا آھن جو اھو تاثر يقين ۾ بدلجي پيو ته رڌڻي ۾ ڪو ٺاھوڪو رولو پئجي ويو آھي. ھونئن به تبديلي سرڪار ۾ تبديلي اچڻ جون ڳالهيون ڪافي ڏينهن کان سرد موسم  ۾ گرمي جو ماحول پيدا ڪري رھيون ھيون ۽ انتظار رڳو مِني بجيٽ جي منظوري جو ھو جيڪا رياست سوڌو سڀني جي مجبوري ھئي.

 گهڻي سياسي گرمي،  تيزي سان تڏھن کان وڌڻ لڳي جڏھن کان ميڊيا ۾  اھي ڳالهيون اچڻ لڳيون ته جيڪڏھن ڪا بد اعتمادي جي رٿ پيش ٿي ٿئي ته عمران خان کي پنهنجي پارٽي اندر سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو.  حڪومتي ميمبرن مان اپوزيشن سان رابطو ڪندڙن جو انگ ڏھاڪن جي ڳاڻيٽي ۾ پيو اچي. ان کان به ٻه وکون اڳتي وڃي پرويز خٽڪ پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ پنهنجي اڳواڻ سان الجهي پيو، قومي اسيمبلي جي ميمبر نورعالم خان ايوان اندر اڳين بينچن تي ويهندڙ ٽن قطارن يعني وزير اعظم ۽ سندس ڪابينه جي وزيرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ کي ملڪي مسئلن جو حل ڄاڻايو جنهن سبب ھمراهه کي سبب ڄاڻايو جو نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آھي ۽  پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تان به نيڪالي ملي اٿس. اڃان فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جي اڌوري پڌري ڪيل رپورٽ تي به ممڻ مچڻ وارو آھي ڇو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل رپورٽ پيش ڪري پڌري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو آھي ته فيصل واوڊا جي نااھليت بابت به ڪو فيصلو جلدي اچڻ وارو آھي.

قومي اسيمبلي جا اڪثر اھم اجلاس صرف اڻپوري ڪورم سبب ملتوي ڪرڻا پيا پون. رھيل ڪسر وري  مبصرن طرفان ان طرح جي تبصرن ڪڍي ڇڏي ته اسد عمر پنهنجي پاڻ کي وزير اعظم جي متبادل طور پيش ڪري پاور ڪوريڊورس ۾ لابنگ پيو ڪري. چوڻ وارا ته اھو به چئي ويا ته جيڪڏھن “ اڄ بد اعتمادي جي رٿ پيش ٿئي ته عمران خان جي حمايت ۾ رڳو مراد سعيد پارا ٽي چار وزير گڏ بيهن ته بيهن باقي ٿيو، ڪل پيران دا خير” نتيجي ۾ فواد چوڌري سميت  چئن وزيرن ۽ مشيرن تڙ تڪڙ ۾ پريس ڪانفرنسن ۾ صحافين سامهون اچي ن ليگ ۾ اختلافن جي موجودگي ۽ سندن اڳواڻ نواز شريف مان ھٿ ڪڍڻ جهڙيون ڳالهيون ھلايون. ھنن چيو ته،“ شريف خاندان نواز، شھباز، مريم ۽ حمزه لاءِ ڊيل گهري آھي، چارئي اڳواڻ نواز شريف جو پتو ڪاٽڻ لاءِ تيار آھن. شھباز شريف آخري ڊيل گهري آھي ھن واعدو ڪيو ته مون کي، نواز شريف،  مريم ۽ حمزا کي معاف ڪيو وڃي ته اسان چارئي لنڊن ھليا وينداسين پويان پارٽي شاھد خاقان عباسي ھلائيندو. پهرين صف ۾ ويهندڙ چار ليگي اڳواڻ ڪنهن سان ملڻ ويا ته چيائون نواز شريف ملڪ لاءِ سٺو ناھي ڪيو، اوھان اسان تي ڇو نٿا سوچيو؟ ھو نواز شريف جو پتو صاف ڪرڻ چاھين ٿا.“

 مبصرين ان طرح جي حڪومتي پروپيگنڊا کي خود منجهن پيدا ٿيل تضادن جو تذڪرو عام ٿيڻ واري  تاثر جو ٽوڙ ڪڍڻ جي ڪوشش سمجهن ٿا.

اھڙن بيانن وري نواز ليگ وارن کي وڌيڪ کلي کيڏڻ تي مجبور ڪيو آھي. جوابي حملو ڪندي مريم نواز چيو آھي ته “ ڊيل جون ڳالهيون افواھه آھن عمران حڪومت ڪجھه ھفتن ۽ مهينن    نه  پر ڪجھه  ڏينهن جي مهمان آھي. پي ڊي ايم کان وڌيڪ پي ٽي آئي وارن کي پنهنجي سرڪار ڪيرائڻ جي تڪڙ آھي، اھي به مڃي رھيا آھن ته مهانگائي وڌي وئي آھي،  حڪومت جي ڪا به ڪارڪردگي ناھي، وزير اعظم جي ته ميمبر منهن تي بي عزتي ٿا ڪن.“ ياد رھي ته ان طرح جي ڊيل جون ڳالهيون ٻنهي ڌرين پاران ان وقت ڪيون پيون وڃن جڏھن اڃان ٿورو وقت اڳ ئي فوج جي تعلقاتِ عامه جي اداري طرفان  پريس ڪانفرنس ڪري ان ڳالھه جي ترديد ڪرڻي پئي ھئي ته ڊيل وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت  ناھي ۽ اداري کي ھروڀرو اھڙين اختلافي ڳالهين ۾  ملوث نه ڪيو وڃي. لڳي ٿو ته اّن نصيحت تي عمل ڪنهن به ڪونه ڪيو. ٻيا ته پري رھيا پر حڪومتِ وقت به لاھي پاھي بيهي رھي آھي.  اصل ۾ ڳالھه اھا به آھي ته نصيحت تي اعتبار ڪرڻ به سؤلو ڪونهي ڇاڪاڻ ته تاريخ ان جي ابتڙ واقعن سان ڀري پئي آھي. شيخ رشيد جيڪو اپوزيشن وارن کي گيٽ نمبر چار جي پيداوار قرار ڏيندي ساڳي ساھي ۾ سندس ان بيان جي ترديد ڪرڻ لاءِ به تيار ناھي جنهن ۾ ھن چيو ھو ته، “ اپوزيشن چاھي ٿي ته جيڪو ھٿ عمران خان تي آھي اھو اتان ھٽي سندن مٿي تي اچي پر اھو ھٿ مٿي بدران سندن ڳچي ۾ پوندو“

اھا وٺ پڪڙ تڏھن شروع ٿي آھي جڏھن تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان دھشت گردي جي ڪارروائين ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ٿي ويو آھي. تازو اربعا  ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪيل حملي کان پوءِ خميس ڏينهن وري انار ڪلي بازار لاھور ۾ بم ڌماڪي سبب معصوم ٻار سميت ٽي ماڻھو شھيد ۽ 28 ٻيا زخمي ٿي پيا آھن جنهن جي ذميواري بندش پيل تنظيم  بلوچ نيشنلسٽ آرمي قبولي آھي.  حڪومت جي خراب حڪمراني يا بيڊ گورننس به صفا چوٽ چڙھيل آھي ۽ حڪومت پنهنجي آپي کان نڪري بتال ٿيل پئي ڀانئجي. انهي ھيجاني ڪيفيت ۾ وري ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ ۽ صدارتي نظام جي نفاذ جا ٽوئيٽر ٽرينڊ ھلائي افواھه پکيڙيا پيا وڃن. اھي افواھه سوشل ميڊيا کان ٻاھر نڪري مين اسٽريم چينلن جي اشتهارن تائين پهچي ويا  آھن.  افسوس ته ھن ملڪ ۾ صدارتي نظام ته ڇا آمريت جي حامين جي به ڪا کوٽ ڪانهي. انهن حلقن طرفان پارليماني جمهوريت، جمهوري آزادين ۽ صوبائي خودمختياري سان وير رکڻ ڪا نئين ڳالھه ڪانهي. انهن قؤتن جو جيڪڏھن وس ھلي ته پارليماني نظام ۽ 18 ترميم  ته ڇڏيو پر جيڪر وفاق کي ٽوڙي وحداني رياست وارو نظام لاڳو ڪري ڇڏين،  ڇا جا اھي مراد علي شاھَه ۽ بزنجا !؟ سڀ اختيار يڪتا سرڪار جي ھٿ ۾ ھجن.

 ھٽلر ۽ ميسوليني وارونعروھڪ قوم، ھڪ ملڪ ۽ ھڪ حڪمران !! اھو سڀ ڪجھه افغان پاليسي وانگر ڏسڻ ۾ ڏاڍو سريلو اسٽريٽيجڪ ساز ٿو ڀانئجي پر ان ۾ شامل خطرا ان کان گهڻو وڌيڪ ڀوائتا آھن، جهڙا 1955ع ۾ ڪيل ون يونٽي تجربي کان پوءِ ڀوڳيندي مجيب جي ڇهن نڪتن مان نڪرندڙ بنگلا ديش قائم ڪرائي ويٺا ھئاسين. ياد رکڻ گھرجي ته پارٽي يا ذاتي مفاد ايترو اھم ڪونهي جيتري خود ملڪ جي دائمي سلامتي. جيري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ جو قهر ھن ملڪ ۾ ڪيترا دفعا ڪيو ويو آھي. صحافتي حلقا حڪومت جي ھر ڏينهن وڌيڪ سوڙِھي ٿيندڙ سگھه ۽ سوليءَ تي چڙھيل ساک جي پس منظر ۾ ڪجھه ٻين ناعاقبت انديش ۽ اٻھرن قدمن جي انديشي جو اظھار ڪن پيا. اھڙي پيشنگوئي ڪندي   فرسٽ اسٽرائيڪ جي وھم ۾  مبتلا ھجڻ جي غلطي ڪندي ۽ اھو سوچي ته ڪيئن ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي رِيس ۾ مارچ کان اڳ ئي  ڪو مارچ ڪجي. خود مارچ مهيني، پي پي پي جي رٿيل مارچ  ۽ پي ڊي ايم جي مارچ کان سواءِ،  مارچ جا ٻيا به قسم ھوندا آھن!!

  ان ڪري لڳي ٿو ته جيئن ئي آئي ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿيو ۽ قرض جي سهولت بحال ٿئي ٿي تيئن ئي پي ٽي آئي جي حڪومت کي ھٽائڻ لاءِ ھڪ ھڪاڻ ٿيڻ شروع ٿي ويندي.  مارچ تائين ايندڙ ھرمھينو گھڻن حوالن سان اھم آھي. ان اھميت جو سبب صرف رٿيل پي ڊي ايم جو مارچ ڪونهي پر ٻيو به گهڻو ڪجھه  يا ته  اوتري تائين ٿي چڪو ھوندو يا ٿيڻ جو امڪان موجود ھوندو. مثال طور چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر قومي اسيمبلي، وزير اعليٰ پنجاب ۽ خود وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ به اچي سگهي ٿي يا وري اھو به ٿي سگهي ٿو ته اھي افواھه  حقيقت جو روپ  ڌاري وڃن جن مطابق حڪمران پارٽي  منجهان  ئي ڪو متبادل اڳواڻ سامهون اچي وڃي يا اڃان به مختلف صورت سامهون اچي جنهن ۾ پي ٽي آئي منجهان ھڪ مضبوط فارورڊ  بلاڪ سامهون اچي مخالف ڌر کي ايوان اندر اعتماد جو ووٽ ڏيئي نئين حڪومت قائم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. اھا حڪومت 2023 ع تائين ڪم ڪندي رھي  يا اتفاق جي صورت ۾ اسيمبلي  ٽوڙي وقت کان اڳ ۾ ڀروسي جوڳين چونڊين جو اعلان ڪري.

مٿي بيان ڪيل امڪان ظاھر ڪن ٿا ايندڙ ھفتا ۽   مهينا تمام خطرناڪ يا ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. حڪومت جي بي چيني ۽ فرسٽريشن جي سببن ۾ ڪي پي  ۾ رھيل ۽ سڄي پنجاب ۾ رٿيل مڪاني ادارن واريون چونڊون توڙي انهن جا لڳ ڀڳ يقيني خراب نتيجا به شامل آھن ته ڪجھه قدر سيم پيج بدران مسنگ پيج جو ممڪنه معاملوآھي به آھي. ان ڪري نه صرف مهانگائي ۽ لاڳاپيل مسئلن زمين تنگ ڪئي آھي پر لاوارثي جو سور به اندران اندران کائي غير محفوظ  ھجڻ جو پڪو احساس پيدا ڪري رھيو آھي. حڪومت جي  حالت ان ڪمري جي ڪنڊ ۾ سوڙھي ڪيل ٻلي جھڙي ٿي ويئي آھي جيڪا ان ڪيفيت ۾ پاڻ کان سگهاري حريف تي به حملو ڪري ڇڏيندي آھي پوءِ نتيجا کڻي ڪهڙا به نڪرن.

[email protected]