ون مين شو وارو نظام

0
162
محفوظ رستي جي ڳولا ۾ نڪتل عمران خان

عمران  خان ذاتي حيثيت ۾ ڪڏهن مديني جي رياست ته ڪڏهن چائنا جي نظام جي تعريف ڪندو رهندو آهي ڪڏهن کيس يورپ جا قصا وڻندا آهن ته ڪڏهن برطانيا جي چرچل واري عدالتي نظام جا انصاف تي ٻڌل فيصلا وڻندا آهن پر خان صاحب کي پنهنجي ملڪ جنهن ۾ هو پاڻ وزيراعظم آهي ان ۾ پارليامينٽ کان ويندي عدالتي نظام تائين صرف اهي فيصلا وڻندا آهن جن فيصلن جي اندر سندس سوچ جي حمايت سامهون اچي. هينئر عمران خان ملڪ اندر  صدارتي نظام جي جيتوڻيڪ سڌي ڳالهه ناهي ڪئي  پر جهڙي طرح سان ملڪ اندر صدارتي نظام واري سوچ کي هٿي ڏني پئي وڃي ان سوچ ۾ عمران خان کان وڌيڪ خوش ڪو ٻيو ٿي نٿو سگهي. هونئن به جنهن عمران خان  هفتي ۾ هڪ ڀيرو پارليامينٽ اچي سمورن سوالن جو جواب ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو انکي پارليامينٽ جي حاضري واري لسٽ هميشه غيرحاضر وزيراعظم ڄاڻائيندي آهي. عمران خان پاڻ ته پارليامينٽ ايندو ناهي پر هاڻي ته سندس وزير ۽ ميمبر به پنهنجي اڳواڻ کان ايترا متاثر آهن جو اهي به پارليامينٽ وڃڻ کي پنهنجي توهين سمجهن ٿا.

پارليامينٽ کي جيڪا عزت عمران خان جي دور ۾ ملي آهي اها سڀني جي سامهون آهي پارليامينٽ هوندي ملڪ جي نطام کي آرڊيننس معرفت هلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر وارا عمران خان جي نظر ۾ چور ۽ ڪرپٽ آهن انهن سان ڳالهائڻ توهين جي ذمري ۾ اچي ٿو. ادارن جا سربراهه جيڪي عمران خان جي ها ۾ ها نٿا ملائين اهي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. هينئر عمران خان جي پنهنجي ايم اين اي نور عالم جو حشر ڏسو سندس روز جي بنياد تي ايندڙ ٽوئيٽ پڙهي ڏسو نور عالم پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي واري اجلاس ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪئي هئي هينئر نه رڳو نور عالم کي پارٽي پاران شوڪاز نوٽيس اماڻيو ويو آهي پر کيس پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرشپ تان به هٽايو ويو آهي اهو آهي مديني جي رياست جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان جو نظام. جنهن  سوچ جي بنياد تي اهو شوشو ڇڏيو ويو آهي ته ملڪ اندر پارلياماني جمهوري نظام نه صدارتي نظام هجي، اهو صدارتي نظام مسئلي جو حل آهي جيڪڏهن اهو صدارتي نظام مسئلي جو حل هجي ها ته ايوب خان کان مشرف تائين ان نظام هن ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڏهوڪو ڪڍي چڪو هجي ها.

اصل ۾ هن صدارتي نظام جو مقصد اهو آهي ته هڪ شهنشاهه جي انا کي ڪيئن تسڪين پهچي، ڪيئن اهو شهنشاهه بادشاهي نظام وارن ملڪن جيان ڏهاڪن تائين ملڪ ۾ بادشاهت ڪندو رهي؟ نه ڪو هن کان سوال ڪري سگهي نه وري هو ڪنهن سان مشورن لاءِ مجبور هجي بدقسمتي سان اهو سڀڪجهه مديني جي رياست واري سوچ سان ڪيو پيو وڃي جيڪو بنهه ان جي ابتڙ آهي.

هڪ طرف عمران خان جي دور ۾ ملڪ کي جمهوري دور مان صدارتي دور ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ طرفو شوشو ڇڏيو ويو آهي ته ٻئي طرف هن وزيراعظم کي ئي گهر موڪلڻ لاءِ مخالف ڌر ميدان تي نڪتل آهي. پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 25 جنوري تي ٿي رهيو آهي پي ڊي ايم جو لانگ مارچ 23 مارچ تي آهي ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي پنهنجو لانگ مارچ 27 فيبروري تي ڪري رهي آهي. مولانا هاڻي استعيفيٰ واري ضد تان به هٽي ويو آهي استعيفيٰ بدران پارليامينٽ جي فلور تي مقابلي جون ڳالهيون به ڪري رهيو آهي انڪري مولانا جي اهري سوچ کي پيپلز پارٽي پنهنجي سوچ جي ڪاميابي تصور ڪري ٿي، انڪري پيپلز پارتي بي اعتمادي واري راهه طرف پي ڊي ايم کي آڻڻ جي ڪوشش ڪري پئي ته جيئن پارليامينٽ 5 سال به پورا ڪري ساڳئي وقت عمران خان ۽ عثمان بوزدار به نه رهن.

بلاول ڀٽو جو خيال آهي ته جيڪڏهن نواز ليگ ساٿ ڏئي ها ته سال اڳ ئي عثمان بوزدار کي گهر اماڻي چڪا هجون ها. هڪ طرف مسلم ليگ ن جي آفيس ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيڻ وڃي پيو ته ٻئي طرف اسيمبلي اندر جيڪو مخالف ڌر جو سربراهي اجلاس روز جي بنياد تي ٿي رهيو آهي هاڻي ڏسجي ته پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ۽ پارليامينٽ اندر وارا سربراهي اجلاس مان ڪنهن جي سوچ ڪامياب ٿي ٿئي، نواز شريف ڪهڙي سوچ جو پاسو وٺي ٿو مريم نواز ڪهڙي سوچ جي حمايت ڪري ٿي؟ جيڪڏهن معاملو عدم اعتماد جي تحريڪ کان شروع ٿئي ٿو ته پوءِ ان جو مقصد پارليامينٽ جي اندر وارو سربراهي اجلاس پارليامينٽ جي ٻاهر واري اجلاس کان اڳتي نڪري ويو آهي.

ڌار ڌار لانگ مارچ ڪندڙ پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽ اندر عمران خان خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آڻڻ جي حوالي سان به سوچي رهيون آهن.ظاهر آهي ته اهو عمل ڌار ڌار حيثيت ۾ ٿي نٿو سگهي انڪري آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جا ٽيليفونڪ رابطا به جاري آهن مولانا کي ته هاڻي اها به پڪ ٿي وئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي وئي آهي، اسٽيبلشمينٽ وارن پاڻ به چئي ڇڏيو آهي ته اسانکي وچ ۾ نه آڻيو. جيڪڏهن مخالف ڌر جي پارٽين جي اندر عمران خان هٽائڻ کان وڌيڪ ايندڙ چونڊون ۽ موجوده بلدياتي چونڊون ذهن ۾ هونديون ته پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجو لانگ مارچ ڪندي ته پي ڊي ايم پنهنجو لانگ مارچ ان سان سندن ووٽر وڌيڪ چارج ٿيندو. ظاهر آهي ته مخالف ڌر واريون پارٽيون ڀل اتحاد ۾ گڏ ويهن پر چونڊن جي ميدان ۾ انهن کي هڪ ٻئي جي سامهون ميدان ۾ لهڻو آهي. پيپلز پارٽي جو ووٽر نواز ليگ جي ووٽر جو سخت مخالف آهي پيپلز پارٽي کي نواز شريف جي دور ۾ فرينڊلي اپوزيشن ڪرڻ جو به شديد نقصان پهتو هو. تنهنڪري پيپلز پارٽي کي اهو به اندازو آهي ته پي ڊي ايم ۾ رهڻ يا نه ن ليگ سان ويجهڙائپ جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم ۽ ن ليگ کي فائدو پهچي ٿو ته پيپلز پارٽي کي ان جو نقصان ٿئي ٿو. پيپلز پارٽي لانگ ٽرم ۽ شارٽ ٽرم فائدن ۽ نقصان جو به غور سان اندازو لڳائي رهي آهي پر شايد پيپلز پارٽي جي ذهن ۾ اهو به آهي ته جيڪڏهن سياسي تحريڪ جي نتيجي ۾ ملڪ جمهوريت جي پٽڙي تان لهي ويو ته پوءِ وري 10 سالن جو انتظار ڪرڻو پوندو انڪري ڪنهن به صدارتي نظام جهڙي شوشي کان بچڻ لاءِ مخالف ڌر سان گڏ هلڻ بهتر حڪمت عملي هوندي.