استادن جي گسائڻ ۽ استادن کي سکيا نه ملڻ ۽ استادن جي کوٽ اهڙا سبب آهن جنهن سنڌ ۾ پرائمري تعليم کي تباهه ڪيو آهي، هاڻي جڏهن اسان جي پرائمري تعليم ئي تباهه هوندي ته پوءِ اسان جي مڊل هايئر ڊگري ڪاليجن ۽ يونيوسٽي جي تعليم جو معيار ڇا هوندو ڇو ته تعليم جو مضبوط بنياد هجڻ بنيادي تعليم تي هوندو آهي، اڄ اسان جو هر ماڻهو اهو سمجهي ته اسان جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي ۽ ان جو روئڻو به روئي ٿو اهو روئڻو اسان اديب دانشور به روئن ٿا ته اسان جي سرڪار به روئي ٿي ۽ هر ڪنهن وٽ ان کي سڌارڻ جا پنهنجا پنهنجا طور طريقا ۽ علاج آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جو اديب ۽ دانشور توڙي تعليمي ماهر سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم کي بچائڻ لاءِ ڪجهه سوچڻ ۽ تدبيرون طور طريقا ڳولڻ ۽ ان تي عملي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ بدران هڪٻئي تي تنقيد براءِ تنقيد ڪري رهيا آهن، پرائمري تعليم ۾ سڌارو آڻڻ ضروري آهي. (شازيه سنڌي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)