ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾اڄ کان پرائمري کان اٺين جا ڪلاس بند ڪيا ويندا، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي هفتي ۾ 2 ڏينهن بندش لڳائي پئي وڃي حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت جي اهڙي فيصلي سان تعليم تباهه ٿي ويندي، ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، حڪومت کي پابندين بدران ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اختر سنڌيار لکيو ته لاڪ ڊائون آخري آپشن نه هجڻ گهرجي معيشت تي اثر پوي ٿو، عاشق حسين لکيو ته آخرڪار اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟، منٺار علي چانڊيو لکيو ته اهو دشمن فيصلو آهي، هالار ياسين لکيو ته تعليم تباهه ڪيو پيو وڃي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته ڪورونا کي حڪومت ڊرامو ٺاهي ڇڏيو آهي، جبار لغاري لکيو ته حڪومت جو ڪو به مثبت قدم ناهي رڳو اسڪول بند يا ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ سان ڪورونا ختم نه ٿيندو، شاهد ڏاهري لکيو ته هر شعبو کليل اسڪول بند ڇو؟ خان بلوچ لکيو ته اهو تعليم دشمن فيصلو آهي، علي مراد جوکيو لکيو ته احتياط طور اسڪول ٻه هفتا بند رکڻ وارو فيصلو درست آهي، ڪاشف صنم بلوچ لکيو ته اهو غلط فيصلو آهي، اقبال سميجو لکيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، باغي مختيار ميمڻ لکيو ته انتهائي غلط فيصلو آهي، شوڪت هالو لکيو ته ايس او پيز تحت اسڪول کوليا وڃن، جميل احمد سهيندڙو لکيو ته تعليم ٽرانسپورٽ وانگر بند ڪئي وڃي، ايوب شر لکيو ته سنڌ جي تعليم پرائمري کان وٺي مڊل تائين بهتر ناهي ڪورونا وائرس جي ٽين لهر انتهائي خطرناڪ آھي، عالم چند ڪولهي لکيو ته پٿر جي دور ڏانهن وٺي وڃڻ وارا فيصلا آهن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته حڪومت جا فيصلا سمجهه کان ٻاهر آهن، مظفر بوزدار لکيو ته هنن کي رڳو اسڪول نظر ٿا اچن، بازارن ۾ رش نظر نٿي اچي، اشتياق ملاح لکيو ته حڪومت جو غلط قدم آهي، مظفر بوزدار به سروي ۾ حصو ورتو، خادم گهراڻو لکيو ته اهو فيصلو جيڪو ٿيو آهي ان سان تعليم تباهه ٿي ويندي اسان جو تعليم ميدان ۾ گهڻو نقصان ٿي ويو آهي آن لائين سسٽم هر جڳهه تي نٿو هلي سگهي، ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل مزدور بيروزگار ٿيندا، بابر وساڻ لکيو ته سنڌ جي تعليم کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي ٻن مهينن کانپوءِ امتحان آهن، نورالدين سولنگي لکيو ته ايس او پيز تحت اسڪول کوليا وڃن، اورنگزيب لغاري لکيو ته حڪومت جو بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو پنھنجي جاءِ تي درست پر اسڪول بند ڪري غريب شاگردن جي تعليم ھٿ وٺي تباھ ڪئي پئي وڃي، جن وٽ آن لائن جي سهولت به ناهي. الطاف کوڙ لکيو ته پھرين به لاڪ ڊائون ڪري تعليم کي تباھي طرف ڌڪيو ويو، معيشيت کي به گھڻو نقصان رسيو . حڪومت کي کپي ته ايس پيز تي عمل ڪرائي. شاهد حسين ڏاهري لکيو ته اهڙي فيصلي سان تعليم تباهه ٿيندي، ممتاز علي سميجو ٻهراڙين ۾ اڳ ئي اسڪول ڪو نه ٿا هلن تعليم تباهه لڳي پئي آهي، نياز خاصخيلي لکيو ته حڪومت جيڪي قدم کڻي پئي اھي مزدور طبقي جي پيٽ تي لت برابر آھن. نماڻو نوناري لکيو ته تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي، آفتاب چانڊيو لکيو ته مال پڙيون، ڪڪڙن جون ميلون،ڏاندن جون ڊوڙون،ميلا،ملاکڙا، مارڪيٽن ۾ رش، وڏيرن جي اوطاقن تي جرڳا، سياسي ميڙاڪا سڀ جاري آهن ڪورونا وبا صرف تعليمي ادارن لاءِ آھي سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا. قادر مڱريو لکيو ته اسڪول مڊل ليول تائين ۽ ٽرانسپورٽ کي مخصوص ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ ٺيڪ آهي سردار لطيف به راءِ جو اظهار ڪيو، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته اهو قدم بلڪل غلط آھي. ڇا ڪورونا وائرس صرف اسڪولن ۽ گاڏين ۾ آهي، پريم راٺوڙ ڪولهي لکيو ته اھڙا فيصلا عوام لا تڪليف جو باعث بڻجن ٿا عاجز لاشاري لکيو آهي ته تعليمي ادرا بند ٿيڻ سان ڪورونا ته ختم نه ٿيندي. ثناءُالله چنا لکيو ته ڪورونا صرف اسڪولن ۾ آهي؟ بشير ميراڻي لکيو ته حڪومت جو هڪ قدم بهترين آهي ته ٽرانسپورٽ بند ڪري پر اسڪولن کي ايس او پيز تحت هلائڻ گهرجي، ايم صديق سومرو لکيو ته صرف اسڪول تي بابندي؟ باقي مارڪيٽون کليل رهنديون، گلاب خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن جو پھرين جيڪو حال آھي اھو ڪنھن کا ڳجھو ڪونھي، ممتاز علي مهر لکيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام مڪمل اپاهج ٿي چڪو آھي هڪ سال ٿيڻ وارو آھي استادن ۽ ٻارڙن اسڪولن جو منهن ناهي ڏٺو، شوڪت علي خيبر لکيو ته اسڪول بند ڪرڻ بدران ايس او پيز تي عمل ڪرايو، عامر حسين لکيو ته سنڌ جي تعليم اڳ ئي تباهه آهي. مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته افسوس آهي ته ويڪسين جي اچڻ کان پوءِ به ڪورونا جو ايترو شديد زور آهي جو تعليمي ادارا ڪاروبار بند ڪيا پيا وڃن، امتياز عيسيٰ هاليپوٽو لکيو ته پهريان عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائي وڃي، سڪندر بلوچ لکيو ته ڪورونا صرف اسڪولن ۾ آهي؟، سينگار علي لکيو ته اهو قدم بلڪل غلط آھي. شمس الدين رند لکيو ته حڪومت جي ان قدم جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪريون ٿا، ساگر امير حيدر لکيو ته اسڪولن سان گڏ عوامي ميڙاڪا به بند ڪيا وڃن، علي محمد کوسو لکيو ته تعليم دشمن فيصلو آهي، احسان علي سومرو لکيو ته شاگردن جي تعليم تي وڏو اثر پوندو، امان الله لنجو لکيو ته بهترين فيصلو آهي، امان الله لنجو، الله نواز راهمون، اقبال انصاري، ايم صديق کوسو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.