پشاور (بيورو رپورٽ) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيز ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا: يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڏيڻ واري مامري تي شوڪاز نوٽيس ملڻ بعد عوامي نيشنل پارٽي پاران اتحاد مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو، حتمي اعلان ڪجهه دير بعد پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيو ويندو: پيپلز پارٽي طرفان به شوڪاز نوٽيس جو جارحاڻي انداز ۾ جواب ڏيڻ جو فيصلو، بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي سخت جواب تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، شيري رحمان، راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر، نيئر بخاري ۽ ٻيا اڳواڻ شوڪاز نوٽيس جو جواب تيار ڪندا: پيپلز پارٽي طرفان سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس به فوري طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي.