ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مختلف شهرن ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ نواب شاهه ۾ ڊاڪٽر نور جلباڻي، ڊاڪٽر عدنان مھر، ڊاڪٽر غلام الله لغاري، ڊاڪٽر مرتصيٰ راھو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مٺي ۾ ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي، ڊاڪٽر جگديش مالهي، ساجن پرمار، ڊاڪٽر غلام الله جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو،لاڙڪاڻي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن اعظم ابڙو، ڊاڪٽر عبدالسميع لغاري، ڊاڪٽر شاهد چنو، ڊاڪٽر معيد ميراڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.بدين ۾ ڊاڪٽر دودو چانديو ، ڊاڪٽر ياسر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٺٽي ۾ فيصل خشڪ، فهد ڪرناڻي ۽ ٻين ريلي ڪڍي .  حيدرآباد ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٽن سالن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي،سنڌ جي 257ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن کي آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، سنڌ سميت ٿر ۾ 70کان مٿي وٽرنري ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي. ان تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڀرتيون ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،اڳواڻن چيو ته اسان سڄي سنڌ جا 257 ڊاڪٽر ڪميشن پاران لائيو اسٽاڪ کاتي لاءِ وٽرنري آفيسر جو لکت ۽ زباني امتحان پاس ڪيو آھي جنھن جو نتيجو 2021 ۾ جاري ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪميشن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جيڪا اسان سان انصافي آھي، ھنن چيو ته ھن چيو جانورن ۾ مختلف بيماريون ھلي رھيون آھن ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ويڪسين ۽ علاج نه ھئڻ ڪري سنڌ جا مالوند پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.