دوڙ (ن پ ا) دوڙ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر  انيسا چنا فوت، وارثن جو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو، هنن الزام هنيو ته ليڊي هيلٿ ورڪر ڪوآرڊينيٽر ۽ انچارج جي ذهني دٻاءَ سبب فوت ٿي آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، خبر موجب ليڊي هيلٿ ورڪر انيسا چنا گهر ۾ طبيعت خراب ٿيڻ تي بيهوش ٿي ڪري پئي، جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي، ان ڏس ۾ وارثن ڪوثر پروين، فاطمه، نسيم، ثمينا چنا ۽ فوتي جي مڙس منور حسين نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته انيسا چنا ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر امينا بروهي ۽ انچارج فريده بروهي جي زيادتين سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار هئاي، جنهن ڪري فوت ٿي آهي، هنن چيو ته انيسا چنا جو پروموشن ٿيڻ کانپوءِ ٻئي آفيسرز ان جون سخت مخالف بڻجي ويون هيون، هنن چيو ته انيسا ڄاڻايل ٻنهي آفيسرياڻين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي هئي، هنن چيو ته آفسرياڻين ظلم ڪيو آهي، انيسا جا معصوم ٻارڙا يتيم ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايچ او نوابشاهه ڊاڪٽر دولت جمالي چيو ته انيسا کيس ڄاڻايل ٻنهي آفسرياڻين خلاف شڪايت ڪئي هئي، جنهن بعد ان حوالي سان جاچ ڪاميٽي پڻ جوڙي هئي، جنهن جي انڪوائري هلندڙ هئي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر امينا بروهي ۽ انچارج فريده بروهي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندن فون نمبر بند مليو،