جھول (ن پ ا) جھول ويجهو شادي ڪاڄ ۾ ڄاڃي پاران گھوٽ جي آنهر سان کيچل ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو، خبر موجب ڳوٺ مولا بخش انڙ ۾ شادي ڪاڄ ۾ لانئون لھڻ وارين رسمن دوران گھوٽ جي آنھر سلطان ماڇي سان برادري جي ھڪ ڄاڃي ولي محمد ماڇي مبينا کيچل ڪئي، جنھن تان ٻنھي ڄڻن ۾ منھن ماري ٿيڻ بعد جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنھي ھڪ ٻئي مٿان لتن، مڪن ۽ پادرن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنھن بعد آنھر  ڪاوڙجي ڪاڄ مان پنهنجا ٻار ٻچا وٺي جھول ٿاڻي تي پھچي ويو ۽ ولي محمد ماڇي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پر جوابدار ھٿ اچي نه سگھيو.