پاڻي کي لٺيون هڻو: پ پ ايم اين اي منور ٽالپر جون برسات متاثرن کي عجيب صلاحون

0
741

پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ميمبر قومي اسيمبلي منور ٽالپر جي برسات متاثرن ۾ 50-50 رپيا ورهائڻ واري وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ هڪ ٻي وڊيو سامهون آئي آهي

منور ٽالپر جي نئين وڊيو ته سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، مختلف تبصرن سان گڏ ٽالپر جي وڊيو کي برسات متاثرن جي اهنجن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر قرار ڏنو پيو وڃي

منور ٽالپر جهڏو ڀرسان هڪ برسات متاثر علائقي جو دورو ڪيو، جتي ماڻهن دانهيو ته پاڻي جا وهڪرا اچي رهيا آهن، اڳ ئي پريشان آهيون، ڪا مدد ڪيو

منور ٽالپر ڳوٺاڻن کي طنزيه انداز ۾ چيو ته لٺيون کڻي بيهي رهو، پاڻي اچي ته هاڻي پاڻي کي لٺيون هڻو

ھي به پڙھندا

دادو، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ ٿريٽ الرٽ، لڏپلاڻ

يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل