يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل

0
353
يوسي گوزو ڀرسان سُپريو

ميھڙ/ ڪي اين شاھ (نمائندن وٽان) يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل ٿي ويو، پاڻي ڪي اين شاهه جا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙيندو ڪولاچي موري وٽ انڊس هاءِ وي کان اوور ٽاپ ڪرڻ لڳو آھي

ڪولاچي موري وٽ پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب انڊس هاءِ وي تي ٽرئفڪ متاثر ٿي رھي آھي، آبپاشي اختيارين جو چوڻ آهي ته آر ڊي 12 گوزو وٽ سُپريو بند کي لڳل گهاري جو پاڻي ڪي اين شاهه باءِ پاس کي ٽڪرائڻ بعد ميهڙ جو رُخ ڪري ورتو آهي

ميهڙ شهر ۾ ٻوڏ جو الرٽ جاري ٿيڻ بعد لڏپلاڻ تيزٿي وئي آھي، شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لڳا، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر پاڻي اُڪاري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا، لاش به پاڻي مان اُڪاري قبرستان نيا ويا، قبرستان پاڻي هيٺ اچڻ سبب لاش به دفنائڻ ڏُکيو ٿي ويو

ميهڙ ڀرسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويل ٻن معصوم ٻارن سوڌو ٽن ڄڻن جو ٽئين ڏينهن به پتو نه پيو، انتظاميا ڳولا لاءِ ٽوٻا نه اُماڻيا، ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند کي مضبوط  ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

ايم اين وي ڊرين کي لڳل گھارن جو پاڻي جوھي شھر ڏانھن وڌڻ لڳوجوھي ايم اين وي ڊرين سوڌو

 

ٻئي پاسي جوهي برانچ کي ڪَٽ ۽ ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارن جو پاڻي جوهي شهر ڏانهن وڌڻ لڳو، پاڻي جوهي- دادو روڊ کي اوور ٽاپ ڪري ويو، ٽرئفڪ متاثر ٿي رھي آھي، جوهي جو ڀان سيد آباد کانپوءِ دادو شهر سان به زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ وارو آھي

ٻوڏ جو الرٽ جاري ٿيڻ بعد جوهي مان لڏپلاڻ جوسلسلو جاري آھي، ٽرانسپورٽرز قدرتي آفت ۾ به ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا، جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آھي

ھي به پڙھندا

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهيءَ تي افسوس جو اظهار

گڊو ۽ سکر بئراج تي سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار