اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان کي 1 ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني وئي

پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض ملندي، ذريعن موجب قرض جي اها رقم هن ئي هفتي پاڪستان کي منتقل ڪئي ويندي، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل تصديق ڪندي چيو آهي ته الحمدالله آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان لاءِ قرض پروگرام بحال ڪندي پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته اسان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر جي ستين ۽ اٺين قسط ملي رهي آهي

پاڪستان لاءِ سٺي خبر

ناڻي وزير چيو ته وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ته ان ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ انتهائي سخت فيصلا ڪيا ۽ پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، مان قوم کي به مبارڪ ڏيان ٿو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي پاڪستان جي معيشت لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي

جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان پاڪستان جي معاشي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان مشڪل معاشي امتحان مان سرخرو ٿي ٻاهر نڪتو آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام هڪ مرحلو آهي پر پاڪستان جي منزل معاشي خود انحصاري آهي، پروگرام جي بحالي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو، وزيراعظم چيو ته مفتاح اسماعيل  ۽ ان جي ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي، اڳتي پاڪستان کي ڪڏهن پروگرام جي ضرورت نه پوي، الله تعاليٰ جي رحمت مان پراميد آهيان ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چونداسين

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برسات سبب وونئڻ ۽ کجي 100سيڪڙو ختم: زراعت کي 335 اربن جي نقصان جو انڪشاف