اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي سينيٽر شوڪت ترين جي پنجاب ۽ ڪي پي جي ناڻي واري وزيرن سان مبينا ٽيليفونڪ گفتگو ليڪ ٿي وئي آهي. سينيٽر شوڪت ترين پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغاري ۽ خيبرپختونخوا جي تيمور جهگڙا سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه سامهون آئي آهي، جنهن ۾ شوڪت ترين پنجاب جي ناڻي وزير محسن لغاري کي چئي رهيو آهي ته جيڪا آءِ ايم ايف کي 750 ارب جي ڪمٽمنٽ ڏني آهي ان تي توهان سڀني صحيح ڪئي آهي پر هاڻي اهو چوڻو آهي ته اسان جيڪا ڪمٽمنٽ ڏني هئي اها ٻوڏ کان اڳ جي هئي ٻوڏ سبب اسان کي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪرڻو پوندو. ليڪ ٿيل آڊيو ۾ شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اسان اهڙو سين ڪنداسين ته جيئن ائين نظر نه اچي ته اسان رياست کي نقصان پهچائي رهيا آهيون، اسان سڀ چاهيون ٿا ته مٿن دٻاءُ پوي، هي اسان کي گرفتار ڪرائڻ چاهين پيا، اسان تي دهشتگردي جا الزام مڙهي رهيا آهن، اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. پنجاب جو ناڻي واري وزير محسن لغاري شوڪت ترين کان سوال ڪري ٿو ته ڇا ائين ڪرڻ سان رياست کي نقصان نه ٿيندو؟ جنهن تي شوڪت ترين جواب ڏيندي چيو ته جهڙي ريت چيئرمين( عمران خان ) ۽ ٻين کي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي ڇا ان سان رياست کي نقصان نه پيو ٿئي؟ جڏهن ته شوڪت ترين فون تي ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير تيمور جهگڙا کان سوال ڪري ٿو ته توهان خط تيار ڪري ورتو؟ جنهن تي تيمور جڳهڙا چيو ته هنيئر ئي تيار ڪري ٿو وٺان ، جڏهن ته موٽ هڪ پراڻو خط به پيو آهي. شوڪت ترين تيمور جڳهڙا کي چيو ته خط ۾ سڀ کان پهرين پوائنٽ اها هوندي ته جيڪا ٻوڏ آئي آهي ان خيبرپختونخوا جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي اسان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ بحالي لاءِ تمام گهڻو پئسو گهرجي، مون لغاري ( پنجاب جي ناڻي واري وزير) کي پڻ چئي ڇڏيو آهي. شوڪت ترين جي ڳالهين ته جڳهڙا چيو ته اهو بليڪ ميلنگ جو حربو آهي؟ پئسا ته هونئن به ڪير نه ڇڏيندو، مان ته نه ڇڏيندس باقي لغاري جي خبر ناهي ته  هو پئسا کڻندو يا نه .