لاڙڪاڻي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، علائقا ٻڏل، بجلي بند، ڪاروبار ٺپ، متاثر بي يارو مددگار

0
331
لاڙڪاڻي مان برساتي پاڻي

لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو+شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻي جي انتظاميه برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام،  شهر ۽ ڀرپاسي سميت سمورا علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل، عام زندگي مفلوج بڻيل، عوام پريشان، ان ڏس ۾ برسات بند ٿئي 4 ڏينهن گذري ويا پر شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي

شھر جي مختلف علائقن ممتاز ڪالوني، ڀينس ڪالوني، گلشن مدينا، بيت العمال ڪالوني، يار محمد ڪالوني، او پي ايف ڪالوني، مراد واهڻ سميت مختلف علائقن جي روڊن رستن تان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري سون جي تعداد ۾ گھر ڪري ڊھي پٽ ٿي ويا، ان سلسلي ۾ رھواسين اصغر ٻگھيو اسلم لاشاري حليم شيخ نظر حسين مڱريو محمد علي کهڙو سميت ٻين دانهيندي چيو ته ضلعي انتظاميه ڪو تحرڪ نه ورتو آھي، نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

ٻي طرف لاڙڪاڻي ۾ نئي آبادي رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي غيبي ديرو جي مختلف علائقن جي ڳوٺن علي شير شابراڻي، ڪنور شريف، دڙي خوشحال، ڀنگر آچا، محمد زمان، ۽ ڳوٺ بھارو چانڊيو جي رهواسين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي پنهنجي اخبار جي ٽيم اڳيان دانيهندي  ڳوٺاڻن محمد رفيق شابراڻي، محبوب علي، طارق حسين، محمد ابراهيم چيو ته   اسان گذريل هڪ هفتو اڳ هلندڙ برسات ۾ گهرن ڪرڻ سبب ڳوٺ ڇڏي ٻچڙن جي جان بچائي لاڙڪاڻي جي نيو بس اسٽينڊ لڳ رائيس ڪئنال جي نئي آبادي ڪڙ تي تنبو اڏي ويٺا آهيون

هتي ضلعي انتظاميه، توڙي چونڊيل نمائندن سميت سرندي وارن هن وقت تائين اسان جي سار سنڀال ناهي ڪئي کليل آسمان هيٺ ٻارڙا وٺي ويٺا آهيون اسان کي نه راشن نه ٽينٽ مليا آهن ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناهي. هنن چيو ته معصوم ٻارڙن توڙي پيرسن کي گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن هتي علاج لاءِ ڪا به فوري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪئمپون قائم ناهن ڪيون ويون. هوڏانهن   شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن ۽ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن طرفان ڊاڪٽرس ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي جي بندش خلاف وي آءِ پي روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي هنن روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي

ان موقعي ڊاڪٽر فهد جبران سيال، ڊاڪٽر زاهد شيخ، ڊاڪٽر احسان ملڪ ۽ ٻين چيو ته گذريل 15 ڏينهن کان مسلسل برساتي پاڻي اسان جي ڪالوني ۾ ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪري ويو آهي جتي 3 کان 4 فوٽ برساتي پاڻي بيهڻ جي ڪري پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جا اٽڪل 20 بنگلا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ اسين گهر ڀاتين سميت گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون، برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ بجاءِ ويتر ڪالوني جي بجلي 7 ڏينهن کان مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي

جڏهن ته  لاڙڪاڻي ۾ جيلس بازار جي دڪاندارن ۽ واپارين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف اناج منڊي روڊ تي ڌرڻو هڻي جيلس بازار ۽ بئنڪ اسڪوائر چوڪ بند ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مسعود احمد شيخ، اشرف شيخ، جبار شيخ ۽ ٻين دانهيو ته گذريل 15 ڏينهن کان مسلسل برساتي پاڻي جيلس بازار ۾ تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل آهي جيڪو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري 250 کان وڌيڪ دڪان پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

ھي به پڙھندا

يوسي گوزو ڀرسان سُپريو بند کي لڳل گهارو ميهڙ جي حدن ۾ داخل