ڪراچي (نمائندن وٽان) شھدادڪوٽ ۾  ڦلھڙي ريگيوليٽر  مان نڪرندڙ شاخن گل شاھ ڊسٽري، لغاري ڊسٽري، ڪور،  مقصودو مائينر، ڀانڊو مائينر، لغاري فيڊر سميت ٻين شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن حبيب الله جروار،  ڪجلو مغيري احتجاج ڪيو. ميرپور ساڪرو سب ڊويزن پاڻي کوٽ عوامي تحريڪ جي سڏ تي احتجاج ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن بلاول لاشاري ڌڻي بخش لاشاري ينگ سوشل نيٽورڪ جي اڳواڻ عبدالرزاق ڪلمتي مظهر لاشاري ۽ ٻين چيو ته  4 مھينن کان پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن ساريال جو ٻيجارو ناهي پوکجي سگھيو. دادو ۾ پيارو ڳوٺ ڊسٽري مائينر ۽ راهوجا شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف پير مٺل ، غلام حسين هنڱورو ۽ ڀائي خان برهماڻي جي اڳواڻي ۾ پڇڙي جي دادو ۾ آبپاشي انجنيئر جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو هنيو ويو. هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ بند رهي،هنن دانهيو ته آبپاشي عملدار آبپاشي انجنيئر هيٺئين ملازمن جي معرفت ڪچي جي بااثر آبادگارن کي غير قانوني 10 ، شاخون کولي ڏنيون آهن ۽ اسان جي شاخن جو پاڻي ڪچي جي آبادگارن وڪرو ڪري ڏنو آهي، هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي سڙي ويو آهي.خيرپورناٿن شاھ تعلقي ۾ رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ ڪڏڻ شاخ، نارا ڊسٽري، آباد شاخ، ڪالرو شاخ، پيڄاهو شاخ سميت 15 کان وڌيڪ شاخن ۽ 250 کان مٿي واٽر ڪورسن ۾ ٻن مهينن کان وٺي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار جدو جهد ڪاميٽي جي سڏ تي سوين آبادگارن ڌرڻو هنيو. حافظ حاجن لغاري، امجد علي گاڏهي، محمد رمضان ٻنگ، عبدالطيف چانڊيو، جميل احمد جنجھ، شڪيل گاڏهي، سجاد اعواڻ ۽ ٻين چيو ته هتان جي ماڻهن جو جياپو ساريالي فصل تي آهي ٻن مهينن کان وٺي رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي پوڇڙي تائين هيئنر تائين پاڻي نه پهتو آهي جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ ذهني مريض ٿي ويا آهن.