ڪوٽڏيجي (رپورٽ: امير گوپانگ) ڪوٽڏيجي ۾ رستي جي لنگھه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو،   فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ان ڏس ۾ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ وليداد رند ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي لنگھه تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران  22 ورهين جي نوجوان عارف ولد محمد الياس رند  ڌرين جي وچ ۾ پئي جھيڙو ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته  جوابدارن گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿي ويل نوجوان جي ڀاءُ محمد اشرف رند پوليس سامهون بيان ڏيندي چيو ته اسان جا مائٽ رستي جي لنگھ تان اسان جي سئوٽن سان وڙھي رهيا هئا،  منهنجو ڀاءُ جهيڙو ٽارڻ لاءِ کين ڇڏائڻ لاءِ پهتو ته جوابدار منهنجي ڀاءُ مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جتي گوليون لڳڻ سبب ڀاءُ موقعي تي ئي قتل ٿي ويو.مقتول جي نوجوان جي ڀاءُ ٻڌايو ته   ڀاءُ جي هڪ مهينو اڳ شادي ٿي هئي، جوابدارن بيگناه کيس قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف پوليس نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.