شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ۾ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مبينا طور ڪڌي ڪم لاءِ مجبور ڪرڻ جو انڪشاف، ليڊي هيلٿ ورڪرز جو مظاهرو، متاثر عورت الزام هنيو آهي ته سپروائيزر سندس وٽ  اچي هڪ رات آفيسر سان گڏ گذارڻ جو چيو، خبر موجب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر نازيه ملاح کي مبينا طور جنسي هراسان ڪرڻ خلاف پيراميڊيڪل عملي، ليڊي هيلٿ ورڪرز، ويڪسينيٽرز ۽ مزدور اتحاد جي اڳواڻن متاثر عورت سان گڏ سمس اسپتال کان محمد علي سرهيو، حيدر چانڊيو، خالد ڌاريجو، عالم ڏاهري ۽ ياسمين ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي متاثر عورت نازيه ملاح الزام هنيو ته سپروائيزر گلناز ٽالپر رات جي وقت سندس گهر اچي چيو ته توهان کي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شمع گُلاڻي گهرايو آهي ۽ ضلعي جي نئين آيل آفيسر توهان جي ڊمانڊ ڪئي آهي، ان کي خوش ڪرڻ لاءِ ان سان هڪ رات گڏ گذارڻي آهي، جنهن تي مون انڪار ڪيو، متاثر عورت موجب سندس مڙس ان معاملي جي ڪري گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، سندس گهر اجڙي ويو آهي، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کيس انصاف نه مليو ته هوءَ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندي، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته اي ڊي سي شمع گُلاڻي اڳ ۾ به ڪيترين ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هيسائي چڪي آهي، انڪار ڪرڻ تي انهن خلاف نوٽيس ڪڍي کين پريشان ڪيو ويندو آهي، هنن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جون عزتون محفوظ ناهن، نوڪرين ۾ پڪو ڪرڻ ۽ ٻيا فائدا پهچائڻ جو آسرو ڏئي ڪُڌن ڪمن لاءِ نياڻين کي بليڪ ميل ڪري زندگيون تباهه ڪيون پيون وڃن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي اي ڊي سي ۽ سپروائيزر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،