پاڪستان ۾ حملا جهاد ناهي، افغان حڪومت فتويٰ ڏئي ڇڏي

0
127
پاڪستان ۾ حملا جهاد ناهي، افغان حڪومت فتويٰ ڏئي ڇڏي
پاڪستان ۾ حملا جهاد ناهي، افغان حڪومت فتويٰ ڏئي ڇڏي

پشاور (م ڊ)افغانستان جي قونصل جنرل حافظ محب الله شاڪر چيو آهي ته امارت اسلامي فتويٰ جاري ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ حملا جهاد ناهي

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالعده تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا ماڻهو افغانستان ويا هئا، هن چيو ته امارات اسلامي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان خلاف ڪي به قدم نه کنيا ويندا

افغان مهاجرن جي واپسي بابت پاڪستان جي فيصلي تي اعتراض ناهي پر انهن لاءِ مناسب طريقو اختيار ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ امن آهي ماڻهو پنهنجا ڪاروبار جاري رکي سگهن ٿا. افغان مهاجرن جي وطن واپسي جو پهريون مرحلو يقينن سخت هوندو