واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا غزا ۾ عام فلسطينين جي قتل تي اسرائيل کي ڪلين چٽ ڏيندي چيو آهي ته جنگ ۾ انسان مرندا رهندا آهن. آمريڪي پرڏيهي ترجمان جي  بريفنگ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هن کي اهو چوندي ڏسي سگهجي ٿو ته هي جنگ آهي، هي ويڙهه آهي هي رتوڇاڻ آهي اهو گند آهي اهو تمام گهڻو خراب ثابت ٿيندو. ۽ بيگناهه سويلن ان جو نشانو بڻجندا ۽ انهن کي نقصان ٿيندو ان کان اڳتي وڌڻ گهرجي.