اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو مامرن بابت  ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله افغانين کي نيڪالي جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ جي گهر ڪئي، جڏهن ته ق ليگ جي سينيٽر ڪامل علي آغا سان گڏ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله به 1947 ۽ 1971 ۾ لڏپلاڻ ڪري پاڪستان ايندڙ بهارين ۽ بنگالين کي پاڪستاني تصور ڪرڻ ۽ رهڻ جي اجازت ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو، ڪالھه گهرو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪاميٽي محسن عزيز جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سينيٽر بهرامند تنگي ڪرمنل لاءِ ترميمي بل 2023 متعلق تجويزون پيش ڪندي چيو ته ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪري شهرين جي زندگي عذاب ڪئي وئي آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته مون تي ۽ منهنجي خاندان مٿان سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. طاقتور ۽ حڪومتي بااثر ماڻهو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندا آهن. سينيٽر بهرامند تنگي چيو ته ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف به سخت سزا هجڻ گهرجي. سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته جنهن افغانستان جي رهواسي وٽ افغان نيشنل ڪارڊ آهي اهو پاڪستان ۾ رهي سگهي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي اِن تي ڪو به اعتراض ناهي. ڪاميٽيءَ جي چيئرمين چيو ته جن جي جاءِ پيدائش پاڪستان آهي انهن جو ڇا ٿيندو؟  آغا رفيع الله چيو ته جيڪي پاڪستان ۾ پيدا ٿيا آهن، جن جو ٽيون نسل هِتي رهي پيو انهن کي شهريت نه ٿا ڏيو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي ته اجازت ڏني وڃي. سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته 1971ع کان پوءِ جيڪي بهاري آيا انهن کي هاڻي پاڪستاني سمجهو وڃي، بهارين ٻه ڀيرا 1947 ۽ 1971 ۾ هجرت جي قرباني ڏني آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو ته مان بنگالين بيهارين متعلق گهڻو نٿو ڳالهائڻ چاهيان، 1971ع ۾ هجرت ڪري ايندڙ ڪيترن ئي ماڻهن پاڪستانين کي قتل ڪيو. اهي ماڻهو صرف ڪراچي ۾ رهن ٿا. سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته بيهاري ۽ بنگالي پاڪستان سان محبت ڪندا هئا اِن ڪري پاڪستان آيا. بيهارين کي 1971ع ۾ ويريفڪيشن ٿي چڪي آهي.اجلاس ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته اسان کي افغانين واري مامري تي ٿورو ٽائيم ڏنو وڃي. سڀاڻي وزارت داخلا ۾ هڪ اهم اجلاس آهي. اسان جو غير ملڪين  متعلق پيغام غلط ويو، اسان صرف افغانين جي ڳالهه ناهي ڪئي جيڪي به غيرقانوني رهن پيا انهن جي ڳالهه ڪئي ڪراچيءَ ۾ بهاري، بنگالي رهن ٿا، ايران کان آيل بلوچ ۽ هزارا جا ماڻهو به آهن. جيڪو به غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهي ٿو انهن سمورن غيرقانوني طور رهندڙن مٿان قانون لاڳو ٿيندو. نگران گهرو وزير سرفراز  بگٽي سينيٽ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو  ته غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ متعلق ڏنل مهلت سمورن غير ملڪين جي لاءِ آهي، پهرين نومبر کان صرف پاسپورٽ ۽ ويزا تي ئي پاڪستان ۾ ڪو غير ملڪي داخل ٿي سگهندو.  هن چيو ته ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ بهارين جو مامرو منهنجي علم ۾ نه هو، ان مامري کي ڏسنداسين، ايران مان غيرقانوني طور تي بلوچ پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن، سمورن غيرقانوني رهندڙن کي نيڪالي ڏني ويندي.