ڪراچي(پنهنجي اخبار نيوز)  اسٽيٽ بينڪ جي  وقتي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت سوشل ميڊيا تي ڦهليل ناڪاري خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته  اسانجي سريلنڪا سان  ڀيٽ ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. پاڪستان  سري لنڪا  ناهي  ۽ نه ئي وري هتي اهڙيون حالتون آهن، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾  هن چيو ته انهي  ۾ ڪو شڪ ناهي ته عالمي معيشت لاءِ ايندڙ 12 مهينا انتهائي اهم آهن پر پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو  ڪور (پٺڀرائپ ) مليل آهي، انهي ڪري اسانجي معيشت  کي لهر توڙي لوڏو ناهي، هن چيو ته ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي معيشت جا اشارا ( انڊيڪيٽر) بهتر آهن، ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ معيشتن ۾ اسان جي معاشي اوسر بهترين هئي، گذريل سال اسان جي معاشي اوسر جي شرح اٽڪل 6 سيڪڙو هئي، جيڪا هيل به رهندي، هن چيو ته پاڪستان جا سمورا قرض انڊيڪس، چاهي اهي پرڏيهي هجن يا اندروني هجن ، تمام سٺا آهن، جنهن جا 3مکيه سبب آهن. هن چيو ته گھانا، مصر، زميبيا ۽ سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي قرضن جي شرح تمام گھٽ آھي، اسان جو قرض جي ڊي پي جو 70 سيڪڙو آھي، جڏھن ته زميبيا جو قرض 100 ۽ سريلنڪا جو قرض  جي ڊي پي جو 120 سيڪڙو آھي، هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي  قرضن جي شرح  رڳو 40 سيڪڙو آهي، جڏهن ته تيونس جي شرح  90 ، انگولا جي 120 ۽ زميبيا جي 150 سيڪڙو آهي، انهي جو مطلب ته پاڪستان لاءِ پرڏيهي قرض ايترا اهم يا ڏکيا ناهن، انهي جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ اندورني (بينڪن مان ورتل) قرضن جي شرح وڌيڪ آهي، اهي قرض پاڪستاني ڪرنسي ۾ هجڻ ڪري انهن کي موٽائڻ آسان آهي معيشت  جي بهتري جي حوالي سان هن چيو ته معيشت ۾ مختصر مدي وارا قرض پڻ ڏٺا ويندا آهن، پاڪستان جا رڳو 7 سيڪڙو پرڏيهي قرض  مختصر مدي وارا آهن، جڏههن ته ترڪي جي اهي قرض  30 سيڪڙو کان مٿي آهن،  ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڊيل ۾ وڃڻ ڏکيو هو پر  اسان جو اسٽاف ليول تي  معاهدو ٿي ويو آهي، اسان سندن سمورا شرط پورا ڪيا آهن، آگسٽ مهيني ۾ بورڊ جي ميٽنگ ۾  آءِ ايم ايف  سان معاهدو ٿي ويندو، جنهن بعد سمورا  تحفظات ختم ٿي ويندا  هن چيو ته ايندڙ 12 مهينن ۾ اهي ملڪ محفوظ هوندا، جن وٽ آءِ ايم ايف  پروگرام هوندو ، باقي ملڪن جي معيشت  دٻاءُ  هيٺ رهندي، اسان کي  پرڏيهي فنانسنگ جي ضررت آهي، جيڪا دوست ملڪن کان اچڻي آهي، اهي دوست ملڪ اڳ ۾ مدد ڪري چڪا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف به انهي ۾ اسان جي مدد ڪندو، هن چيو ته  سوشل ميڊيا  تي ملڪي معيشت بابت منفي ۽ بي بنياد  خبرون / افواهه پکِيڙيا پي ويا،  اڄوڪي پوڊ ڪاسٽ جو مقصد انهن افواهن جو  خاتمو  آڻڻ  آهي، عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي.