پشاور/ڪوئيٽا (م ڊ) ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ برساتي وهڪرن سبب وڏو نقصان، چترال ۾ برساتي نالن ۾ ٻوڏ تباهي  مچائي ڇڏي، 10 کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، ڪيترن ئي هنڌن تي رابطا پلون به لڙهي ويون، اپر ڪوهستان ۾ تيز برسات سبب برساتي نالن ۾ ٻوڏ اچي وئي، پاڻي داسو ڊيم جي ڪيمپ ۾ داخل ٿي ويو، تعلقي ڪنديا ۾ ڪيترن ئي گهرن جون ڀتيون ۽ چتيون ڪري پيون، پشاور ۾ برسات سبب ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي بيهجي ويو، برساتين سبب بلوچستان جي پهاڙي ندين نالن ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ اچي وئي، سرحدي علائقي لورا لائي ۾ وهڪر ۾ لڙهي ويل ڪار ۽ ان ۾ سوار ماڻهن کي شهرين کي بچائي ورتو، موسيٰ خيل، تونسه روڊ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، بولان ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾  رابطا پُل لڙهي وئي، مچ جو ٻين شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو.