ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ  جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر عنايت حسين چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا  ذخيرا 9.3 ارب ڊالر آهن، جن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته اسان موجوده ناڻي ذخيرن سان ڪجهه مهينن تائين اڳتي وڌي سگهون ٿا، آگسٽ مهيني ۾ آءِ ايم ايف سان ڊيل بعد اسان خطري مان مڪمل طور نڪري وينداسين