پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ مان ڪير ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏندو؟ فيصلو اڄ ٿي ويندو

0
208
پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ مان ڪير

ڪراچي: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل  ڪير کيڏندو؟ فيصلو اڄ ٿي ويندو، آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ اڄ پاڪستان جو نيوزيلينڊ سان پهرين سيمي فائنل ۾ ٽڪر ٿيندو، مئچ پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي کان شروع ٿيندي

 ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پاڪستان کي نيوزيلينڊ مٿان نفسياتي برتري حاصل آھي، هيل تائين ٻنهي ٽيمن کي کيڏيل 6 مئچز مان پاڪستان 4 مئچز ۽ نيوزيلينڊ 2 مئچز ۾ ڪاميابي ماڻي چُڪي آھي

نيوزيلينڊ ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته پاڪستان جون ڪاميابيون ماضيءَ جو حصو ٿي چُڪيون، سيمي فائنل کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم چيو ته نيوزيلينڊ کي مئچ ۾ آسان نه وٺنداسين، بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري نيوزيلينڊ کي هارائينداسين

ھي به پڙھندا

پاڪ-نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ برسات جا ڪيترا امڪان آهن؟