پاڪ-نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ برسات جا ڪيترا امڪان آهن؟

0
154
پاڪ-نيوزيلينڊ سيمي فائنل

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل سڀاڻي کيڏيو ويندو، جنهن لاءِ ڪرڪيٽ جا مداح تمام گهڻا پرجوش آهن

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل سڀاڻي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ رٿيل آهي، جتي برسات سبب ميچ متاثر ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي

ميڊيا رپورٽن موجب سڊني ۾ سڀاڻي 8 کان 24 سيڪڙو برسات جا امڪان آهن، ڏينهن جو گرمي پد 15 کان 30 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان آهن

ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ جي پچ بابت ٻڌايو ويو آهي ته هن گرائونڊ جي پچ هميشه بيٽسمين لاءِ بهترين رهي آهي

پچ بهتر هُجڻ سبب ٻنهي ٽيمن طرفان مجموعي طور تي وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پهريان بيٽنگ ڪندڙ ٽيم 170 کان 180 جو ٽارگيٽ ڏئي سگهي ٿي

ڪرڪيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پچ اُنهن بالرز لاءِ به مددگار ثابت ٿيندي جيڪي نئين انداز ۾ بالنگ ڪرائيندا