عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر قبول ناھي: شاھ محمود قريشي

0
215
شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ 26 جولاءِ تائين واڌ
شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ 26 جولاءِ تائين واڌ

ڪراچي: پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان مٿان ٿيل حملي واري ايف آءِ آر کي رد ڪري ڇڏيو آھي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان تي ٿيل حملي جي ايف آءِ آر قبول ناهي، ايف آءِ آر متاثرن جي مرضي موجب داخل ٿيڻ گهرجي

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان تي ٿيل حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري آهي، اسان جو سمورو ڌيان ايف آءِ آر تي آهي

سڀاڻي کان لانگ مارچ جي شروعات وزيرآباد کان ٿيندي ۽ هر صورت ۾ لانگ مارچ پنهنجي منزل طرف پهچندو، اسان جو لانگ مارچ پرامن آھي، ڪنھن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناھيون

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شهباز شريف وزير آباد حملي ۽ عمران خان جي الزامن جي جاچ لاءِ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

عمران خان هڪ ايف آءِ آر نه ڪٽرائي سگهيو، انقلاب ڇا آڻيندو؟ راڻا ثناءُ الله