پاڪستان ۾ تشدد جي گنجائش ناھي، ڌريون تشدد، ھراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين کان پاسو ڪن: آمريڪا

0
253
پاڪستان ۾ تشدد جي گنجائش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امريڪي پرڏيهي وزارت پاران عمران خان تي حملي جي ٻيهر مذمت ڪئي وئي آھي، امريڪي پرڏيھي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائيس جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ تشدد جي ڪا به جڳهه ناهي، ڌريون تشدد، هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين کان پاسو ڪن

نيڊ پرائس موجب پاڪستان کي جمهوري ۽ پرامن ڏسڻ چاهيون ٿا، صحافت جي آزاديءَ تي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهائيندا رهنداسين، آزاداڻي صحافت ڪنهن به قوم ۽ جمهوري مستقبل لاءِ اهم آهي، پاڪستان جي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون

امريڪي پرڏيھي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائيس جو چوڻ ھو ته روس ۽ ڀارت جا لاڳاپا  ڏھاڪن تي مشتمل آھن جيڪي سرد جنگ ۾ شروع ٿيا، ڀارت سان آمريڪا جي اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ عسڪري لاڳاپا بڻجي نھ سگھيا ھئا

ٻن ڏھاڪن ۾ ڀارت امريڪا لاڳاپا اڳتي وڌا، جن ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپا شامل آھن، ڀارت چئي چڪو آھي تھ ھو يوڪرين جنگ ۽ خونريزي خلاف آھي

ھي به پڙھندا

نظريو ساڳيو آهي، اعتزاز جو مستقبل اسان سان آهي: عمران خان

وزيراعظم شهباز شريف وزير آباد حملي ۽ عمران خان جي الزامن جي جاچ لاءِ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو