عمران خان هڪ ايف آءِ آر نه ڪٽرائي سگهيو، انقلاب ڇا آڻيندو؟ راڻا ثناءُ الله

0
180
راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان هڪ ايف آءِ آر به داخل نه ڪرائي سگهيو، ڪهڙو انقلاب آڻيندو؟

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪو ماڻهو روز اسان جي خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري ٿو اُهو پنهنجي لاءِ هڪ به ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي نه سگهيو، هي انقلاب ڇا آڻيندو؟

هن چيو ته پنجاب ۾ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، مان پنجاب جو گهرو وزير رهي چڪو آهيان، روزانو درجنين ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ٿينديون آهن

Only 10,000 people participated on first day of PTI long march

هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي قيادت کي روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي وڊيو ٺاهي موڪلين ٿا، ڪجهه ماڻهو ڪار ۾ اچي ٽائرن کي باهه ڏئي ساڙي رهيا آهن

هن چيو ته ٽريفڪ جا رستا کليل رکڻ صوبائي حڪومتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي، جيڪا کين پوري ڪرڻ گهرجي

راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪجهه وڳوڙين سبب لکين ماڻهو پريشاني ۾ آهن، روڊ بلاڪ، اسڪول بند، آفيسون نه کلي سگهن ته اُن کان وڌيڪ پريشاني ٻي ڪهڙي هوندي

راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ڪري عام شهرين کي تڪليف پهچائي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته ان جو نوٽيس وٺي، عام ماڻهوءَ کي نقصان پهچائڻ ملڪ دشمن ايجنڊا آهي

راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتون وفاق تي حملي آوور آهن، هي ٻئي حڪومتون ماڻهو وٺي وفاق تي حملو ڪري رهيون آهن

ھي به پڙھندا

راڻا ثناءُ الله مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو

عمران خان تي حملي واري ڪيس جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش