پاڪستان ڪپ: وومينز ون ڊي ٽورنامينٽ 9 سيپٽمبر کان شروع

0
175

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪپ لاءِ وويمنز ون ڊي ٽورنامينٽ 9 سيپٽمبر کان ڪراچي م شروع ٿيندو، ايونٽ ۾ 4 ٽيمن وچ ۾ 14 ميچز کيڏيون وينديون. ايونٽ ۾ شريڪ ٽيم بلاسٽر جي قيادت سدره نواز ڪندي، چيلينجرز جي ڪپتاني جوريا خان ۽ ڊائنامائٽس جي قيادت منيبه علي صديقي حوالي ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ م حصو وٺندڙ ٽيم آسٽرائيڪرز جي قيادت ڪائنات امتياز حوالي ڪئي وئي آهي.  ٽورنامينٽ جو فائنل 21 سيپٽمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيندو.