رميز راجا ڪرڪيٽرن سان ملاقات جو خواهشمند

0
207

لاهور (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، پي سي بي جي امڪاني چيئرمين رميز راجا رانديگرن سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ان حوالي سان مينجمينٽ طرفان رانديگرن  کي پيغام پڻ ڏنو ويو آهي. نيوزيلينڊ خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ اڄ واضح ٿيندو، سيلڪٽرز جي مشاورت بعد 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ٿيندو، جڏهن ته 3 کان 4 اضافي رانديگرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اسڪواڊ ۾2 ليگ اسپنرز شاداب خان ۽ عثمان قادر شامل هوندا، شرجيل خان، صهيب مقصود، نوجوان محمد وسيم جونيئر ۽ ٻيا رانديگر ٽيم جو حصو هوندا.  پي سي بي جو امڪاني چيئرمين رميز راجا ون ڊي ٽيم سان اسلام آباد روانگي کان اڳ 7 سيپٽمبر تي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ملاقات ڪندو.