عورت کي ٻڪري سان سيلفي ڳچي ۾ پئجي وئي، ٽڪر وهائي ڪڍيو

0
982

ڪراچي(دلچسپ نيوز) ڪجهه ماڻهن کي منفرد سيلفيون ڪڍڻ جو ايترو شوق هوندو آهي جو ان لاءِ هو هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ سيلفي هڪ عورت جي وائرل ٿي آهي جيڪا سيلفي جي چڪر ۾ ٻڪري جي ور چڙهي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت ٻڪري جي ويجهو آهي ۽ ٻڪري جو پير ٻڌل آهي ٻڪري آهستي عورت جي ويجهو اچي ٿي پر نه ٿي پهڇي سگهي ان ڪري ئي شايد ڪاوڙجي وڃي ٿي ٻيو ڀيرو حملي لاءِ عورت طرف وڌي ٿي پر رسي جي ڪري نه ٿي پهڇي سگهي ٽيون ڀيرو ٻڪري رسو ڇنائي عورت کي مٿي ۾ ٽڪر هڻي ٿي جنهن سان عورت هيٺ ڪري پوي ٿي ۽ موبائل فون به هٿ مان ڪري پوندو اٿس.