اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب کي حج ڪوٽا واپس ڪري ڇڏي، مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب سرڪاري اسڪيم جي 8 هزار حاجين جي حج ڪوٽا سعودي عرب کي واپس ڪئي وئي، سرڪاري اسڪيم تحت گهٽ درخواستون ملڻ تي حج ڪوٽا واپس ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان حج ڪوٽا واپس نه ڪري ها ته رهائشگاهن ۽ ٻين مدن ۾ اسلام آباد کي 24 ملين ڊالرز وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ها، ذريعن موجب مهانگي حج سبب پاڪستانين گهٽ درخواستون جمع ڪرايون، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا حج ڪوٽا واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو پراڻو مطالبو رهيو آهي ته حج ڪوٽا گذريل آدمشماري جي تناسب جي حساب سان هڪ لک 79 هزار 210 مان وڌائي 2 لک 10 کان 20 هزار ڪئي وڃي، ذريعن مطابق پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ هڪ لک 79 هزار جي پوري حج ڪوٽا ملي هئي، جيڪا مڪمل استعمال نه ڪئي وئي، جڏهن ته مذهبي مامرن جي وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود اسلام آباد ۾ حاجي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ حاجين سان ملاقاتون ڪيون، حاجي ڪيمپ ۾ حاجين جي تربيتي پروگرام کي خطاب ڪندي مذهبي مامرن جي وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود چيو ته مذهبي مامرن جي وزارت حاجين جي خدمتن لاءِ ڪوشان آهي، حاجين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته جن حاجين وٽ ايئرپورٽ تي تربيتي سرٽيفڪيٽ نه هوندو انهن کي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، گروپ ليڊرن سان رابطي ۾ رهڻو پوندو.