سکر (بيورو رپورٽ) سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جو نائون ڪانووڪيشن، مختلف شعبن ۾ 546 اميدوارن کي ڊگريون، گولڊ ۽ سلور ميڊل ڏنا ويا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ ۾ نوجوانن جو اھم ڪردار آھي. آءِ بي اي سکر جي باني پروفيسر مرحوم نثار احمد صديقي جون ملڪ ۽ صوبي لاءِ خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر سان ھر قسم جو تعاون جاري رکندي. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ملڪ جي بھترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، ان جي معيار کي اڃا بھتر ڪيو ويندو. خوشي جي ڳالھه آھي ته يونيورسٽي ۾5 ھزار شاگردن مان 70 سيڪڙو شاگردن کي اسڪالرشپ تحت پڙھايو وڃي ٿو. حڪومت سنڌ پنھنجي انڊوومينٽ فنڊ اسڪالرشپ پروگرام ذريعي 200 شاگردن کي آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ مدد فراھم ڪري رھي آھي اسان جي ڪوشش آھي ته  ان کي وڌائي 300 شاگردن تائين ڪيو وڃي. ان موقعي تي وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف شيخ پڻ خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر آصف احمد شيخ سنڌ جي وڏي وزير کان شهيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته شهيد اجمل ساوند کي سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وڃي. ان موقعي تي شهيد ساٿي ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي.