لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف عوام دوست بجيٽ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف لنڊن  جي دوري ڪالهه پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ پارٽي قائد ميان نواز شريف سان ملاقت ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن حڪومت ۽ عدليا جي ڇڪتاڻ، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي به ڳالهايو. نجي ٽي وي موجب نواز شريف هدايت ڪئي ته بجيٽ عوام دوست آندي وڃي اهڙي بجيٽ آندي وڃي جنهن سان عام ماڻهن کي به فائدو ٿئي. وزيراعظم سرڪاري پروٽوڪول ۾ حسن نواز جي آفيس پهتو جتي هن جي ملاقات ٿي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ چونڊ هڪ ئي ڏينهن ٿيندي، رڳو پنجاب ۾ چونڊ سان ٻين صوبن کي خراب سگنل ملندا، ثاقب نثار نوازشريف سان دشمني ڪئي هن عوام جي مفاد ۾ هڪ به سوموٽو نوٽيس نه ورتو.