لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري چيني پرڏيهي وزير جي پاڪستان ۾ سياسي استحڪام بابت ڳالهه جي آجيان ڪندي چيو آهي ته چين جي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي آهي ته سياسي طاقتون پاڪستان ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪنديون، چين جي پرڏيهي وزير جو سياسي استحڪام تي زور ڏيڻ درست ڳالهه آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو هڪ سال کان موقف آهي ته معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي ۽ چونڊون پاڪستان ۾ سياسي استحڪام جو اڪيلو ذريعو آهن.