ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) ٽوڪيو اولمپڪس 2020 جي 50 ميٽر فري اسٽائل سوئمنگ مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ سوئمر بسمه خان ناڪام ٿي وئي. وومينز جي 50 ميٽر فري اسٽائل ۾ پاڪستان جي بسمه خان حصو ورتو، سندس ٽائمنگ 27 ڏهائي 78 سيڪڙو رهي. ايونٽ ۾ 81 سوئمر شرڪت ڪئي، بسمه خان جو نمبر 56 هو. بسمه خان جي ناڪامي کانپوءِ ٽوڪيو اولمپڪس مان ٻاهر ٿيندڙ پاڪستاني ايٿليٽس جو انگ 6 ٿي ويو آهي. اولمپڪس مقابلن ۾ پاڪستان جا باقي 3 ايٿليٽس رهجي ويا آهن، جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ ايڪشن ۾نظر ايندا. پهرين اگسٽ تي پاڪستان جا 2 شوٽر خليل اختر ۽ ثغلام بشير 25 ميٽر ريپڊ فائر ۾ حصو وٺندا.