ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن پاليسي سان ناراض ٿي امريڪا شفٽ ٿيندڙ سميع اسلم کانپوءِ هڪ ٻيو قومي ڪرڪيٽر حماد اعظم جون امريڪا ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ شفٽ ٿيڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. ذريعن موجب آل رائونڊر حماد اعظم جو امريڪا ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو معاهدو آخري مرحلي ۾ آهي. حماد امريڪا ۾ ليگ کيڏي رهيو آهي، معاهدي بعد ڪرڪيٽر مستقل طور امريڪا شفٽ ٿي ويندو.